| ايڪتا جا رنگ نکرڻ شروع ٿي ويا، ڪوٽڙي ۾ شاندار تقريب، قومي گيتن تي جهمريون |
ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي ايڪتا جي خوبصورت تقريب، اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ٽيبلوز پيش، قومي گيتن تي ثقافتي رقص ڪيو ويو.ڪوٽڙيءَ ۾ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضيءَ جي سڏ تي ايڪتا جا رنگ نکرڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته دانش اڪيڊميءَ طرفان ڪوٽڙي سائيٽ جي غريب آباد ڪالونيءَ واري علائقي ۾ مقامي شادي هال ۾ “منشیات کان پاڪ سنڌ” جي سري هيٺ ايڪتا جي خوبصورت تقريب منعقد ڪئي وئي، جڏهن تہ تقريب ۾ اڪيڊميءَ جي استادن، شاگردن، شاگردياڻين، سندن والدين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ايڪتا تقريب ۾ اڪيڊميءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين خوبصورت ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي ڪلچرل رقص ڪيو، جڏهن ته ٻارڙن تقريرن ۾ منشيات جهڙي انسان دشمن ڪاروبار جي سخت مذمت ڪندي سنڌ مان منشيات جي مڪمل خاتمي جو مطالبو ڪيو. تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ندا، صوبيا کوسو، اقصيٰ سولنگي، بسما، صدف، اقراءَ، فيصل، نادر ۽ ٻين آنڌي ۾ جوت جلائڻ ورا سنڌي، هو جمالو ۽ ٻين گيتن تي قومي رقص ڪيو ۽ ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا ويا، جڏهن تہ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان مختلف سماجي ۽ ثقافتي موضوعن تي تقريرون پڻ ڪيون ويون. ان موقعي تي جي ايم ساند، سيد خليل شاھ، لطيف ڀٽي، ايڊووڪيٽ مشتاق ابڙو، مير کونهارو، سلام راهوجو ۽ ٻين چيو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي ايڪتا ڏهاڙو “منشيات کان پاڪ سنڌ” جي سري هيٺ ملهائڻ جو اعلان ڪري وقتائتو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي آجيان ڪيون ٿا. هنن چيو تہ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائي واضح مطالبو ڪنداسين ته سنڌ مان منشيات جي پاڙ پٽي وڃي ته جيئن سنڌي معاشرو اڳتي وڌي سگهي ۽ نئون نسل علم ۽ ٽيڪنيڪل تعليم سان هم ڪنار ٿي اڳتي وڌي سگهي.