ايڪتا عزم ـ منشيات کان پاڪ سنڌ … منظور ھاليپوٽو

                 منشيات جو جڏھن موضوع اچي ٿو ته سڀ کان اهم سوال اڀري ٿو ته آخر اهو ڪير آهي، جيڪو منشيات کي ملڪ توڙي صوبن جون سرحدون بنا رڪاوٽ ڪراس ڪرائي ٿو ۽ اهڙي خطرناڪ زهر کي سنڌ تائين پهچائي ٿو؟ عام ماڻهو، غريب مزدور يا رڪشا هلائيندڙ ته اهو ڪم نٿا ڪري سگهن. ايتري وڏي مقدار ۾ نشو سرحد کان شهرن تائين صرف انهن هٿن وسيلي پهچي ٿو، جن وٽ طاقت، اثر، سرڪاري رسائي، ۽ مڪمل لابنگ موجود هوندي آهي. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ نشي جي وڌندڙ لهر کي صرف روڊن، ڪچين گهٽيّن يا ڪنهن ننڍڙي ڊيلر سان نه جوڙجي، پر وڏي زنجير سان گڏ ڏسڻ ضروري آهي.

                 ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته سرحدي علائقن ۾ منشيات جي وڏي منڊي بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ موجود آهي، جتي بين الاقوامي نيٽ ورڪ ڪم ڪن ٿا. اهي نيٽ ورڪ عام اسمگلر نه پر منظم گروهه آهن، جن جا لاڳاپا پاڙيسري ملڪن  جي منشيات جي  مافيا سان آهن. انهن کان پوءِ اهو مال ملڪ جي اندر اچڻ وقت اهڙن ماڻهن جي سرپرستي هيٺ هوندو آهي، جيڪي سرحدي چيڪ پوسٽون، ٽرانسپورٽ لائينون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪمزورين کي پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪن ٿا. سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن اها منشيات ڪراچي، سکر، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي جهڙن شهرن ۾ پهچي وڃي ٿي، جتي نوجوان مارڪيٽ بڻجي وڃن ٿا. سنڌ ۾ منشيات جي وڌندڙ وبا صرف سماجي کوٽ سبب ناهي پر منظم ڦھلائڻ جي پاليسي جو نتيجو آهي. دشمن قوتون ته نشي کي هٿيار طور استعمال ڪن ٿيون، پر انهن کي رستو انهن کان ملي ٿو، جيڪي قانون جي حفاظت جا ذميوار آهن. جيڪڏهن منشيات وڏي مقدار ۾ سنڌ جي شهرن ۾ دستياب آهي ته ان جو مطلب آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن طاقتور هٿ سرحد کي سھولت وارو بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙيون قوتون نه رڳو منشيات کي داخل ٿيڻ ڏين ٿيون پر ان جي مقامي ورڇ، مافيا جي تحفظ، ۽ نيون منڊيون ٺهڻ ۾ پڻ سهولتون فراهم ڪن ٿيون. سنڌ ۾ نوجوان نسل جي تباهي جو وڏو سبب اهو به آهي ته منشيات کي روڪڻ واري عمل ۾ ايماندار عملي جي کوٽ، ڪرپشن، ۽ سياسي سفارشون واٽون کولي ڇڏين ٿيون. ڪيترائي ڀيرا اهي ئي ماڻهو جيڪي رياست کي رپورٽ پيش ڪن ٿا، پويان انهن ئي ڌنڌن سان ڳنڍيل هوندا آهن. نتيجي ۾ منشيات جو دٻاءُ وڌي ٿو، نوجوان ڦاسن ٿا، ۽ سماج جو مستقبل زهر ۾ ٻڏي ٿو وڃي.

انهيءَ سموري تصوير ۾ وڏي سچائي اها آهي ته جيڪڏهن منشيات سنڌ ۾ کلي عام دستياب آهي ته پوءِ ڪنهن نه ڪنهن اعليٰ سطح تي ڪو اهڙو هٿ آهي، جيڪو نه رڳو ڏسي رهيو آهي، بلڪه ان کي هلائي به رهيو آهي. سنڌ جي شعور کي نشي وسيلي ڪمزور ڪرڻ ڪا اتفاقي ڳالهه ناهي پر هڪ منظم رٿا آهي. ان کي روڪڻ لاءِ رڳو پوليس ۽ سرڪاري بيان ڪافي نه آهن، پر سرحدي نظام، اندروني نگراني، ۽ طاقتور نيٽ ورڪن جي جڙ کي ڪٽڻ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر دشمنن جي فيلڊ بڻيل رهندا.

سنڌ جي درسگاھن ۾ منشيات: سنڌ ۾ نشو ڪنهن زماني ۾ هڪ مخصوص جاگرافيائي حد تائين محدود هوندو هو. اڻپڙھيل ماڻهو، ڪو اوطاق جو، ڪو ميخاني جو گراهڪ يا ڪنهن ويران هنڌ تي ويهندڙ چند فرد هن لت ۾ مبتلا هوندا هئا. سماج ان کي غلط سمجهندو هو، پر خطرو ايترو وسيع نه هو. نشي جي لت سماجي طور شرم جو سبب هئي ۽ ماڻهن جو وڏو حصو ان کان پري رهندو هو. پر هاڻي منظر تبديل ٿي چڪو آهي. دشمن کي خبر پئجي وئي آهي ته سنڌ جي طاقت تعليم، شعور ۽ باشعور نوجوان نسل ۾ آهي، تنهن ڪري حملو به سڌو انهن تي ڪيو ويو آهي.اڄ نشو اوطاقن مان نڪري درسي ادارن تائين پهچي ويو آهي. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون جيڪي سنڌ جي ترقي، فڪر، سائنس ۽ سماجي اڳڀرائي جا مرڪز هجڻ گهرجن، اتي هاڻي منشيات جا سوداگر پهچي ويا آهن. اهي ڄاڻي واڻي نوجوانن کي ٽارگيٽ ڪن ٿا، ڇو ته نوجوان ئي قوم جا هٿيار، سوچ، ووٽ ۽ سڀاڻي جو رخ طئي ڪندڙ قوت آهن. جيڪڏهن نوجوان ذهن کي ڪمزور ڪيو وڃي ته پوري قوم کي ڪمزور ڪرڻ ۾ وقت نه لڳندو. دشمن اهو سمجهي چڪو آهي، تنهن ڪري نشي کي جنگ جي جديد هٿيار جي صورت ۾ سنڌ جي دل، يعني تعليمي ادارن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾، وڌيڪ پريشان ڪندڙ حقيقت اها آهي ته نشي جو پهچڻ ڪو اتفاقي عمل نه آهي، پر منظم سازش آهي. ڊيلر ڪئمپس جي ٻاهران بيهندا، ڪجهه استادن ۽ انتظاميه جي اندر به ڪميونيڪشن جا رستا پيدا ڪيا ويندا، ۽ نوجوانن کي پهرين “سولائي” سان نشو ڏنو ويندو، پوءِ مشڪل ڪري وڌائي منڊي ٺاهي ويندي. سماج کي خبر به نه پوندي ۽ نسل زهر جي گردش ۾ اچي ويندو. اهڙي حالت ۾ علم جا گهر به دشمن لاءِ رستا بڻجي وڃن ٿا. اهي سڀ حقيقتون اهو ثابت ڪن ٿيون ته سنڌ تي حملو بارود سان نه پر دماغن ۽ سوچن تي ٿي رهيو آهي. نوجوان جيڪڏهن ڪتاب ڇڏي نشي جي لت ۾ لڳي وڃن ته سنڌ جي ترقي، ٻولي، ادب، تاريخ ۽ جڙيل سڃاڻپ کي ڇيهو رسندو. هي صرف صحت جو مسئلو ناهي، هي قومي بقا جو مسئلو آهي. تعليم کي نشي کان بچائڻ لاءِ رڳو پوليس يا ادارا ڪافي ناهن، پر گهراڻي، ڪميونٽي، استاد، مقامي اڳواڻ، امن ڪاميٽيون ۽ سماجي شعور سڀ گڏ ٿيڻ ضروري آهن. سنڌ دشمن کي خبر آهي ته جيڪڏهن هن ڌرتي کي ختم ڪرڻو آهي ته ان جا هٿيار يعني نوجوان ڪمزور ڪرڻا پوندا. تنهن ڪري نشو هاڻي مارڪيٽ نه پر هتي هڪ حڪمت عملي طور استعمال ٿي رهيو آهي. سنڌ کي زنده رکڻ لاءِ سڀ کان پهريون ڪم تعليم کي محفوظ ڪرڻ آهي، ڇو ته جنهن قوم جا اسڪول نشي ۾ ڦاٿل ھجن، ان قوم جو مستقبل هٿن مان نڪري وڃي ٿو.

ادب ۾ منشيات جا حامي ۽ حمايتي:

سنڌي ادب هميشه سچ، شعور، مزاحمت ۽ سجاڳي جو سرچشمو رهيو آهي. شاعر، اديب ۽ ليکڪ قومن جا رهنما سمجهيا ويندا آهن، ڇو ته اهي پنهنجي قلم سان نسلن کي رستو ڏيکارين ٿا. پر افسوس اهو آهي ته سنڌ جي ڪجهه حصن ۾ ادب اندر اهڙو رجحان وڌڻ لڳو آهي، جتي شراب کي نندڻ بدران ساراهيو وڃي ٿو. هن عمل جي سڀ کان وڏِي تڪليف اها آهي ته اسانجو نوجوان نسل جيڪو ڪتابن مان رستو ۽ رھنمائي وٺندو آهي، ان کي الٽو غلط پيغام ملي ٿو. ادب ۾ شراب جي تعريف ڪا سادِي تخليقي آزادي نه آهي، بلڪه دشمن جي اها چال آهي، جنهن وسيلي منشيات کي “رومانوي”، “فڪري اُڏام” يا “اديبن جو الهام” بڻائي پيش ڪيو وڃي ٿو. جڏهن قوم جو پڙهيل لکيل طبقو، جيڪو اڳي سماجي بيمارين جي خلاف آواز اٿاريندو هو، خود اهڙن موضوعن کي حسن جي پردي ۾ لڪائي پيش ڪري، تڏهن دشمن کي ٻي ڪا ڪوشش ڪرڻي ئي نه پوي. پيغام سڌو نوجوانن تائين پهچي ٿو ته نشو ڪا برائي ناهي، بلڪه علمي ۽ ادبي دنيا جو حصو آهي. هي رستو خطري جو الارم آهي. ادب جي طاقت مونجهاري يا واهمن لاءِ نه پر قومن کي بچائڻ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي. جڏهن قلم نشي جي ساراهه ۾ هلي، تڏهن سماج کي زهر ڏيڻ لاءِ ٻاهرين قوتن کي ڪا محنت ڪرڻي نٿي رهي. سنڌ کي پنهنجي ساڃاهه وندن، شاعرن ۽ ليکڪن کان اها اميد آهي ته هو قوم جي سجاڳي، سچائي ۽ صحتمند شعور جو قلعو بڻجن، نه ڪي دشمن جي هٿن ۾ اهڙو قلم بڻجي وڃن، جيڪو پنهنجي ئي نسل جي تباهي لکي. ادب کي بچائڻ، قلم کي سڌو ڪرڻ ۽ نوجوانن کي محفوظ فڪر ڏيڻ وقت جي سڀ کان اهم ضرورت آهي.

ڪلچر ۾ منشيات کي داخل ڪرڻ جي ڪوشش:

نشي کي سنڌي ڪلچر ۾ جڳهه ڏيڻ ڪا اوچتي تبديلي نه پر هڪ سوچيل سمجهيل دشمن جي چال آهي. ڪڏهن ادب جي نالي تي، ڪڏهن موسيقي جي پردي ۾، ڪڏهن “آزادي” ۽ “جدت” جي عنوان هيٺ نشي کي اهڙي طرح پيش ڪيو پيو وڃي، ڄڻ اهو خوشي، فن، جذبي يا روشن خيالي جو حصو هجي. هي سڀ سماجي تباهي کي “ثقافت” جو روپ ڏئي نسلن کي گمراه ڪرڻ جو طريقو آهي. اصل مقصد سنڌ جي هزارين سالن جي سونهري تهذيب، صوفي فڪر، سچ، ۽ انسان دوست ڪلچر کي ڪمزور ڪرڻ آهي. جيڪو ڪلچر محبت، عقل ۽ سجاڳي سيکاري، ان ۾ نشي کي جاءِ ڏيڻ ممڪن نه آهي؛ تنهن ڪري دشمن پهريان ادب، پوءِ فن، پوءِ نوجوانن جي زبان ۽ آخر ۾ روزمره جي روايتن ۾ نشي جي موجودگي پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن ڪو سماج پنهنجي ڪلچر ۾ زهر کي قبول ڪرڻ لڳي، تڏهن دشمن بنا جنجال جي فتح حاصل ڪري وٺي ٿو. سنڌ جو ڪلچر سدائين زندگي، روشني، سچائي ۽ محبت جو ڪلچر آهي. ان ۾ منشيات لاءِ ڪا جاءِ ناهي. جيڪي قوتون نشي کي ڪلچر بڻائڻ چاهين ٿيون، اهي حقيقت ۾ ڪلچر کي تباهه ڪري قومي سڃاڻپ کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون. سنڌ کي بچائڻ جو رستو اهو آهي ته ڪلچر کي پاڪ رکجي، تهذيب کي ڄاڻ سان ڳنڍجي ۽ دشمن جي هن چال کي صاف لفظن ۾ رد ڪري ڇڏجي.

ايڪتا عھد:

ايڪتا جو ڏهاڙو صرف ادب، لباس ۽ ٻولي کي بچائڻ لاءِ نه آهي، پر پاڻ کي حياتياتي، جسماني ۽ اخلاقي طور محفوظ رکڻ لاءِ به ضروري آهي. اچو تہ عزم ڪريون ته پنهنجي جسم، ذهن ۽ روح کي صحتمند ۽ مضبوط رکون، ته جيئن اسانجي سنڌ جو نوجوان نسل روشن، محفوظ ۽ باشعور رهي.