ايڪتا عيد، قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ڪاروبار چمڪي پيو، ٽوپين ۽ اجرڪن جي وڪري ۾ تيزي
نومبر 29, 2023
ايڪتا عيد، قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ڪاروبار چمڪي پيو، ٽوپين ۽ اجرڪن جي وڪري ۾ تيزي
شھدادڪوٽ (رپورٽر) قمبر- شھدادڪوٽ ضلعي ۾ ايڪتا جو سرگرميون تيز ٽوپي ۽ اجرڪن جي وڪري ۾ تيزي اچي وئي,شھدادڪوٽ واسين پاران 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏ ملهائڻ جو وچن ڪيو ويو آهي . روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان سرگرميون تيز ٿي ويون آهن ان ڏس ۾ قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جي سڀني شهرن جنهن ۾ وارھ ،نصيرآباد، ميروخان، قمبر، قبوسعيد خان، سجاول جوڻيجو، بھرام، ڪچي پل، لالورونڪ، گاجي کھاوڙ، وڳڻ ۽ پکو جي سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ ايڪتا جا پروگرام رٿيا ويا آهن . شھر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جنهن ۾ ايس ٽي پي ايس يو پي نوجوان سيلرا اتحاد جسقم، فنڪار ايسوسيئيشن سميت ٻين پارٽين پاران ايڪتا جي حوالي سان مچ ڪچهريون ۽ ڳوٺاڻيون ڪچهري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي . ان حوالي سان شھر جي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن ايس ٽي پي اڳواڻ امداد سومرو سيلرا نوجوان اتحاد جي اڳواڻ ذوالفقار علي سيلرو ايس يو پي اڳواڻ الھداد خشڪ سميت ٻين چيو ته ايڪتا ڏهاڙو اسان جي قومي عيد جو ڏهاڙو آهي جنهن کي ڀرپور نموني سان گڏجي ملهائينداسين هنن چيو ته ايڪتا ڏهاڙي تي لکين سنڌي هڪ ويس ۾ اوڙھجي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيندا اسان قومي عيد جو ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي ملهائينداسين . ٻئي طرف شھر جي ٽوپي مارڪيٽ ۾ ٽوپين ۽ اجرڪن جي وڪري ۾ اضافو ٿي ويو آهي شهرين پاران پنهنجي لاء ۽ پنهنجي ٻارڙن جي لاء ٽوپيون ۽ اجرڪ خريد ڪيون پيون وڃن ان موقعي تي دڪاندارن پاران چيو آهي ته ايڪتا ڏينهن جي اعلان بعد ٽوپين ۽ اجرڪن جي خريداري ۾ تيزي اچي وئي آهي اسان جي ڪاروبار ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رھيو آهي .
” اچو ته نئين سنڌ اڏيون ” ، خانپور ۾ ثقافتي تقريب، قومي گيتن تي جهمريون
خانپور(ن پ ا) سموري سنڌ جيان ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جي سڏ تي ” اچو ته نئين سنڌ اڏيون ” جي سري ھيٺ قومي ايڪتا عيد ملھائڻ جي لاءِ تياريون زور وٺي رھيون آھن. ان حوالي سان ڪالهه حرا پبلڪ اسڪول خانپور ۾ پروگرام رکيو ويو، پروگرام ۾ اسڪول جا ٻارڙا ، استاد ۽ سياسي سماجي اڳواڻن مولانا عنايت الله بروهي ، محمد عاصم دايو ، سيف الرحمان آرائين ، اسڪول جي پرنسپال عتيق الرحمان ابڙو ، استادن راجا صفدر سيٺار ۽ ٻين قومي ثقافتي ويس ٽوپي اجرڪ پھري شرڪت ڪئي وئي ۽ شاگرد ٻارڙن پاران قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو ۽ گيت ڳايا ويا جڏھن ته سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي پاران سنڌ جي ثقافتي ڏينھن جو باني آھي جنھن جي سڏ تي سنڌي قوم ايڪتا عيد جو ڏينهن ملهائيندي آھي جنھن ۾ ٻارڙن پوڙھن پڪن سميت سموري سنڌ قومي ويس پھري نڪري ڪري پنھنجي ثقافتي ڏينھن ملھائيندا آھن ۽ سنڌ امڙ سان محبت جو اظھار ڪندا آھن ھن ڀيري بہ 3 ڊسمبر جي ڏينھن تي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سڏ تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري ھيٺ ملھائي سنڌ سان محبت جو اظھار ڪيو ويندو.
ڄامشوري ۾ شاگردن پاران ايڪتا ڏهاڙو عيد جيان ملهائڻ جو اعلان
ڄامشورو(رپورٽر) سموري سنڌ جيان ڄامشوري ۾ به ثقافتي سرگرميون عروج تي آهن ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران 3 ڊسمبر تي اعلانيل قومي عيد ايڪتا ڏهاڙي کي “اچو ته نئين سنڌ آڏيون” جي عنوان سان ملهائڻ واري سڏ کي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن به ڀليڪار ڪندي ثقافتي سرگرميون وڌائي ڇڏيو آهن، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن به قومي عيد ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان ڄاڻيل عنوان هيٺ ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي سنڌ يونيورسٽي ۾ هاڻي کان ئي شاگرد ايڪتا ڏهاڙي کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ لاءِ سرگرميون ڪري رهيا آهن جڏهن مختلف شعبن ۾ ثقافتي تقريبون منعقد ڪري سنڌ جي هزارين سال پراڻي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو پيو وڃي، سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جا شاگرد ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ پرجوش آهن، هالار جمالي، مير اياز نوحاڻي، عامر آڪاش لاکو، زبير حسن پنهور، علي ابڙو ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جا هزارين شاگرد 3 ڊسمبر تي قومي عيد قومي جوش جذبي سان ملهائي ايڪتا ۽ امن جو پيغام ڏيندا.
سکر ۾ سنڌي ثقافت جا رنگ نروار، تقريب، لوڪ داستان پيش
سکر (بيورو رپورٽ) سکر مينارا روڊ تي واقع آل پاڪستان وومين ايسوسئيشن (اپوا) اسڪول ۾ اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي عنوان هيٺ 3 ڊسمبر تي ملهائجندڙ ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان رنگا رنگ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي لوڪ ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري ماحول منڊي ڇڏيو، جڏهن ته سنڌي ثقافت کي ساراهائيندي مختلف ثقافتي اسٽال، پينٽنگ، کاڌ خوراڪ، توڙي سنڌ جي ثقافت کي نروار ڪندڙ سرگرمين کي اوج وٺايو ويو، ثقافتي رنگن جي بهار دوران اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين لوڪ داستان مارئي بهترين انداز سان پيش ڪري سنڌ جي اڻ مٽ شاندار تاريخ کي ڀيٽا پيش ڪئي.
سنڌ صدين کان قائم ۽ دائم آهي، سوديبازي نه ٿيندي: شڪارپور ۾ ايڪتا تقريب
شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي ) ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار پاران 3 ڊسمبر تي “اچو ته نئين سنڌ اڏيون ” جي عنوان ھيٺ اعلانيل ڏھاڙي جي مناسبت سان شڪارپور پريس ڪلب ۾ ھڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مھمان خاص طور ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ذوالفقار علي ڪماريو، ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ، ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران، چڪ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر نويد احمد مھر، سيد عبدالقادر شاهه امروٽي، اعجاز شاهه مشواڻي، اي ڪي لاشاري، صفدر امير پھوڙ، امجد بلوچ، شھر بچايو تحريڪ جي چيئرمين الاهي بخش شيخ، ميان ظفر علوي، عبدالسميع بلالي، عمران علي منگي، ڪامريڊ اسد سومرو، ھمير چانڊيو، ايڊووڪيٽ حسين بخش بروھي سميت مختلف سياسي، سماجي، مذھبي، قومپرست، صحافتي، ادبي ۽ شھري تنظيمن جي اڳواڻن توڙي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ناميارن سگھڙن عبدالستار ميربحر، علي گوھر مھر ۽ محمد قاسم شيخ ڏور,بيت ۽ ڳجھارتون ٻڌائي محفل ۾ شريڪ ماڻهن کي واھ واھ ڪرائي ڇڏي، تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين ذوالفقار علي ڪماريو، ڊي سي الطاف احمد چاچڙ، ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران، ڊاڪٽر نويد مھر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ھڪ تاريخي حيثيت رکندڙ عظيم ڌرتي آهي جيڪا صدين کان قائم ۽ دائم رھندي اچي پئي. ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڌرتي شاهه لطيف ۽ صوفي شھيد شاهه عنايت جھڙن ڪردارن سان سجايل پاڪ ۽ امن واري ڌرتي آهي جنهن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿيندي، ثقافتي تقريب دوران نامياري صوفي راڳي مجيد سيال قومي ۽ صوفياڻا ڪلام ڳائي محفل ۾ شريڪ ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو، تقريب ۾ آيل مھمانن کي ميزبان طرفان سنڌ جي ثقافت ٽوپين ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.
گاجي کهاوڙ ۾ ايڪتا تقريب، ٽيبلوز پيش، قومي گيتن تي رقص
گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۾ ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سڏ تي 3 ڊسمبر ايڪتا ڏينهن ملهائڻ واري سڏ جي حوالي سان مين پرائمري اسڪول ۾ ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ سوين شاگرد سنڌي ٽوپي اجرڪ پهري شريڪ ٿيا. ان تقريب ۾ قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا تقريب ۾ استادن نجم سومرو اعجاز گاڏھي احسان ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان قومي ڪاڄ جي حوالي سان ايڪتا تقريب ڪوٺائي آهي. اسان جي تهذيب هزارين سال پراڻي آهي اسان هر سال جيان هن سال به هن ڪاڄ کي ڀرپور نموني ملهائي رهيا آهيون اسان ٿورائتا آھيون ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار وارن جا جن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي اسان کي گڏ ڪيو آهي.
“اچو ته نئين سنڌ اڏيون”: ميهڙ ۾ ايڪتا مچ ڪچهري
ميھڙ(ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران اعلانيل اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري ھيٺ عوامي جمھوري پارٽي پاران سن لائيٽ اڪيڊمي ميھڙ ۾ مچ ڪچھري ڪوٺائي وئي، مچ ڪچھري ۾ عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي صدر سيد لعل شاهه ايڊوڪيٽ، سيد محمد شاهه، ڪامريڊ سليم مگسي، وڪيل سعيد پنھور ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مچ ڪچھري ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو جڏھن ته مچ ڪچھري ۾ نالي واري فنڪار برڪت علي چانڊيو قومي گيت ٻڌائي محفل کي جهومائي ڇڏيو مچ ڪچھري ۾ نوجوان قومي گيتن تي جھومندا رھيا مچ ڪچھري کي خطاب ڪندي اي جي پي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه چيو ته سنڌ شاندار ثقافت تھذيب رکندڙ آھي سنڌ رواداري امن جي ڌرتي سنڌي ثقافت سالن تائين اجاگر رھندي مچ ڪچھري ۾ شامل اڳواڻن چيو ته محترمه علي قاضي صاحب پاران اعلانيل ايڪتا ڏھاڙو “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي عنوان کي سنڌ جا ماروئڙا ٻوڏ جي تباھي کان پوءِ سنڌ جي خوشحالي ۽ پنھنجن علائقن جي بحالي لاءِ ھن اعلان جي آجيان ڪري ڇڏي آھي. ھنن چيو ته 3 ڊسمبر تي اعلانيل اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي نعري ھيٺ ايڪتا ڏھاڙو ڀرپور نموني ملھايو ويندو، جڏھن ته مچ ڪچھري ۾ شاگردن سارنگ شاويز مھيسر ، ريحان ٽيبلوز پيش ڪري داد حاصل ڪيو جڏھن ته حافظ ھالار پڻ گيت پيش ڪيا.
“اچو ته نئين سنڌ اڏيون” ٺٽي ۾ شاگردن پاران تقريب منعقد
ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي ويجھي ايندي ئي ان جي ڪاميابي واريون سرگرميون عروج تي پهچي ويون آهن ضلعي ٺٽي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جي ڪاميابي لاءِ پڻ گهوڙاٻاري لڳ ڳوٺ محمد عمر ڀَٽي ۾ قائم دي انوويٽِو انگلش لئنگويج سينٽر پاران ايڪتا جاڳرتا تقريب ڪوٺائي ويئي، جنھن ۾ ٻارڙن ۽ ٻارڙين پاران ثقافتي ويس پهري قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري مختلف سنڌي ثقافتي موضوعن تي تقريرون ڪري ٻارڙن ۽ استادن پاران 3 ڊسمبر تي ايڪتا جو ڏھاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو عزم ڪيو ويو ان موقعي تي اسڪول انوويٽو سسٽم جي چيئرمين فياض رضا عمراڻي، ٽيم وائي ايس اين جي صدر علم دين رند، غلام رسول آمڙو، امير علي شاه ، عامر رند، سرفراز راجپوت، محمد حسن چوهاڻ، امام بخش چوهاڻ ، انوويٽو اسڪول جو پرنسپل ممتاز چوهاڻ، ڪو آرڊينيٽر محبوب چوهاڻ، رسول بخش ڀٽي، سڪندر ملاح، الهڏتو، شھباز، سميت ڳوٺاڻن محمد عمر ڀٽي، وڏيرو الهڏنو ڀٽي، وڏيرو احمد ملاح سميت اسڪول جي شاگردن، والدين سميت ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾شرڪت ڪري پروگرام جي رونق وڌائي ٻارِڙن جي ھمت افزائي ڪري سنڌ جي ثقافت توڙي ثقافتي ڏھاڙي تي روشني وجھندي چيو ته سنڌ جي ثقافت ھزارين سال پراڻي آھي هنن عزم ورجائيندي چيو ته ھر سال جيان هن سال به 3 ڊسمبر تي سنڌ جي ثقافتي انڊلٺي رنگن ۾ رنگجي ڀرپور نموني پنھنجو ايڪتا ڏھاڙو ملهائيندا