سنڌ صدين کان ايڪتا، سڪون، تهذيب، امن ۽ انساني احترام جي علامت رهي آهي. هن ڌرتيءَ جو سماجي سرشتو گڏيل احساس، گڏيل مزاحمت ۽ گڏيل ذميواري تي بيٺو رهيو آهي. ايڪتا ڏهاڙي ملهائڻ جو مقصد به اهو آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي تاريخي سڃاڻپ، اجتماعي وقار ۽ فڪر کي هڪ نئون حوصلو ڏين. پر هن سڃاڻپ کي اڄ جيڪي خطرا درپيش آهن، انهن مان سڀ کان وڏو خطرناڪ ۽ خاموش دشمن منشيات آهي. نشو اهو زهر آهي جيڪو نوجوان نسل جي شعور، اعصاب، شخصيت ۽ مستقبل تي حملو ڪري رهيو آهي. نشو هاڻ رڳو سماجي بڇڙاين جو مسئلو نه رهيو آهي، پر اها هڪ منظم نفسياتي ۽ اعصابي جنگ بڻجي وئي آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن جي مزاحمتي قوت کي ڪمزور ڪرڻ، سماجي هم آهنگي کي ڀڃ ڊاھ جو شڪار ڪرڻ، ۽ مستقبل جي قيادت کي بي حس، بي عمل ۽ بي مقصد بڻائڻ آهي. جيڪڏهن سنڌ کي محفوظ رکڻو آهي ته هي ايڪتا ڏهاڙو رڳو رسمي نه هجڻ گهرجي، پر منشيات جي خلاف هڪ منظم جنگ جي اعلان طور ملهائڻ گهرجي.
اڄ جي دنيا ۾ جنگ جا طريقا بدلجي چڪا آهن. اڳي توبن، فوجن، هٿيارن ۽ حملن سان ملڪ تباھ ڪيا ويندا هئا، پر هاڻ قومن کي نفسياتي طور ڪمزور ڪري کين اندروني طور شڪست ڏيارڻ دنيا جو نئون طريقو بڻجي چڪو آهي. منشيات ان جنگ جو هڪ اهڙو هٿيار آهي، جيڪو ڪنهن اعلان کانسواءِ، ڪنهن بم ڌماڪي کانسواءِ ۽ ڪنهن فوجي چڙهائيءَ کانسواءِ ماڻهن کي اندروني طور تباھ ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي طرح سنڌ ۾ به منشيات جي وڌندڙ بيماري ڪا اوچتي وبا ناهي، پر هڪ منظم منصوبا بندي جو نتيجو آهي، جنهن جو مقصد نوجوان دماغن جي حساسيت کي نشي جي عادت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. جڏهن هڪ نوجوان جو دماغ نشي جو عادي ٿي وڃي ٿو ته پوءِ هو نه رڳو پنهنجو مستقبل وڃائي ٿو، پر سماج جو فعال حصو رهڻ کان به محروم ٿي وڃي ٿو. سنڌ جهڙي علمي ۽ سياسي شعور واري خطي ۾ منشيات جو وڌڻ اتفاق ناهي. هي هڪ نفسياتي منصوبو آهي، جنهن جا هدف صاف نظر اچن ٿا. خاص طور تي نوجوان نسل کي فڪري طور ڪمزور ڪرڻ، جيڪي نوجوان معاشري جا اڳواڻ، ڊاڪٽر ، انجنيئر، محقق، استاد، صحافي، ڪردار ساز ۽ قوم جي مستقبل جا معمار ٿي سگهن ٿا، انهن کي نشي جي لت ۾ وجهي کين سنجيدگي، سوچ، تخليق ۽ جدوجهد کان پري رکڻ آهي. جنهن کانپوءِ انهن جي سماجي اتحاد کي ٽوڙي نشي جو عادي بڻائي ماڻهن کي پنهنجي ذات تائين محدود ڪري ڇڏجي. نشي ۾ مبتلا ماڻهو نه اجتماعي مسئلو سمجهي سگهي ٿو ۽ نه ئي ان جو حل. نتيجي طور سماج ۾ گڏيل جدوجهد جي قوت ڪمزور ٿي وڃي ٿي. قوم کي سياسي بي حسي ۾ ڌڪي رکڻ لاءِ نوجوانن کي مختلف طريقن سان نشي جو عادي بڻايو وڃي ٿو، ڇو ته جيڪو نوجوان شعوري طور مضبوط هوندو آهي، اهو ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريندو آهي. پر جيڪو نشي جي لت ۾ هجي، اهو پنهنجي حياتي جي بچاءَ جي ڳڻتيءَ ۾ ئي گرفتار ٿي ويندو آهي، سياسي شعور ۽ مزاحمت ان لاءِ ثانوي ٿي ويندي آهي. ان کانپوءِ سياسي سان گڏ معاشي بربادي پڻ شروع ٿيندي آهي، جتي نوجوان ڪمائڻ بدران نشي جي لت سبب قرضن، جهيڙن، ڏکياين ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا، اتي سماج مجموعي طور انتشار جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
سنڌ جي نوجوانن کي نشي جي وبا کان بچائڻ لاءِ ايڪتا ڏهاڙي جي اصل روح مطابق ملهائڻ ۽ ان ڏينهن تي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته هر قسم جي نشي کان سنڌ کي پاڪ ڪرڻو پوندو، ڇو ته ايڪتا ڏهاڙو ڪنهن خاص گروھ يا علائقي جو نه، پر سڄي سنڌ جو گڏيل پيغام آهي. ان جو مقصد وحدت، بيداري، جاڳرتا ۽ قومي شعور کي بحال رکڻ آهي. پر جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوانن کي منشيات جي لت مان نه بچائي سگهياسون ته پوءِ ايڪتا رڳو نعري تائين محدود ٿي ويندي. ايڪتا صرف ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو نالو نه آهي، پر گڏيل ذميواري محسوس ڪرڻ جو نالو آهي. اھا ذميواري پنهنجي معاشري کي محفوظ رکڻ، پنهنجي قوم کي بچائڻ، پنهنجي ڌرتيءَ کي زهر آلود ٿيڻ کان روڪڻ آهي. سنڌ ۾ منشيات صرف هڪ سماجي مسئلو نه پر هڪ منظم نيٽ ورڪ آهي. ان جا چند اهم پهلو هيٺيان آهن، جن تي ڌيان ڏيڻ ۽ ان کي روڪڻ جي ضرورت آهي. سرحدن ۽ شهري علائقن ۾ منشيات جي آزاد آمدرفت خاص طور تي حساس ھنڌ جيئن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين پهچ روڪڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ تہ نوجوانن کي نشي جي “ڪش لاءِ” راضي ڪرڻ کان وٺي “لڳاتار استعمال“ تائين پهچائڻ لاءِ باقاعده نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيو آهي. ان نيٽورڪ سان سلھاڙيل مافيا بيروزگاري ۽ مايوسيءَ جي ور چڙهيل نوجوانن کي ھدف بڻائي ٿي. جڏهن معاشي نظام نوجوان لاءِ روزگار پيدا نه ڪري، ته منشيات جي مافيا اتان خالي جاءِ ڀري وٺي ٿي. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا ۽ فلمي ثقافت ذريعي پڻ سازش تحت عالمي ميڊيا جا ڪجھ ادارا منشيات واري مواد کي “ثقافت”، “اسٽائيل” يا “زندگيءَ جو حصو” ڪري پيش ڪري رھيا آھن، جيڪو عمل خاص ڪري نوجوانن جي ذهنن کي متاثر ڪري ٿو. جيڪڏهن سنڌ کي بچائڻو آهي ته منشيات خلاف جنگ کي قومي سلامتي جي جنگ سمجهڻو پوندو. هي رڳو پوليس، سرڪار يا اڪيلي خاندان جو مسئلو نه آهي، هي هر فرد، هر استاد، والدين، هر صحافي ۽ هر سماجي ڪارڪن جي گڏيل جنگ آهي. شاگرد رڳو پڙهائيءَ ۾ نه، پر صحت مند سرگرمين ۽ شعور ۾ مضبوط ٿيڻ گهرجن.
ميڊيا کي منشيات خلاف مهم کي وڌ کان وڌ طاقت ۽ ترجيح ڏيڻ گهرجي. والدين جي پڻ ذميواري آهي تہ نوجوانن جي مزاج، دوستين، عادتن ۽ روين تي نظر رکن، اھا وقت جي اھم ضرورت آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پڻ اھا ذميواري آهي تہ ايمانداري ۽ سختيءَ سان منشيات جو ڪاروبار روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺن. ۽ بنا ڪنهن سياسي دٻاءَ جي ڪارروايون عمل ۾ آڻين. ايڪتا تڏهن مضبوط ٿيندي، جڏهن سماج ۾ صحت مند ذهن، مطمئن دليون ۽ روشن فڪر هجن. منشيات اهڙي دشمن آهي جيڪا ساڳئي وقت ايڪتا، سڃاڻپ، تهذيب ۽ مستقبل کي تباھ ڪري ٿي. تنهن ڪري ايڪتا جو اصل روح اهو آهي ته سنڌ کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، نه رڳو تقريبن ۾، پر روزاني عمل ۾، تربيت ۾، قانون ۾ ۽ شعوري مزاحمت ۾. منشيات جي صورت ۾ سنڌ تي حقيقي طور هڪ نفسياتي ۽ اعصابي جنگ مڙهي وئي آهي. هي جنگ دشمن جي گولن، ٽينڪن ۽ بمباري کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ تہ هي قوم جي ذهنن ۽ روحن کي نشانو بڻائي ٿي. جيڪڏهن اسان ايڪتا ڏهاڙي کي حقيقي معنائن ۾ ملهائڻ چاهيون ٿا ته پوءِ ضروري آهي ته منشيات خلاف منظم، اجتماعي، آگاهي ڀري ۽ بي رحميءَ واري جنگ شروع ڪريون. سنڌ جي بقا، امن، تهذيب ۽ محفوظ مستقبل جو دارومدار ان ڳالھ تي ئي آهي ته اسين ڪيتري شدت ۽ سنجيدگيءَ سان هن خطرناڪ جنگ جو مقابلو ڪريون ٿا. منشيات کان پاڪ سنڌ رڳو هڪ نعرو نه، پر ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ مستقبل بڻائڻ جو عهد هجڻ گهرجي.