ايڪتا ڏھاڙو- امن، انسانيت ۽ عالمي شعور جو عظيم الشان مثال

                 سنڌي ثقافت ڏهاڙي تي تنقيد ڪرڻ يا ان کي رڳو “رؤنشي ۽ ناچ” تائين محدود سمجهڻ اصل ۾ ان ڏينهن جي عالمي حيثيت ۽ تاريخي اهميت کان اڻڄاڻائي جو نتيجو آهي. هي ڏينهن هاڻي ڪنهن هڪ قوم جي روايتي ريتن رسمن کان مٿانهون ٿي پوري دنيا لاءِ امن، محبت ۽ انسانيت جي معراج جو هڪ زنده مثال بڻجي چڪو آهي. جيڪي ماڻهو ان تي اعتراض ڪن ٿا، انهن کي تصوير جي ٻئي رخ کي ڏسڻ جي دعوت ڏجي ٿي. جيڪو ثابت ڪري ٿو ته سنڌ دنيا جي نقشي تي هڪ اُوچي مقام تي بيٺل انساني تهذيب جو نالو آهي.

“ڇا ڪروڙين ماڻهن جو هي پرامن سمنڊ ڪو معجزو ناهي؟”

توهان دنيا جو نقشو کڻي ڏسو. تاريخ جا ورق اٿلايو. ڇا پوري دنيا ۾ ڪنهن به خطي ۾ ڪو اهڙو مثال ملي ٿو، جتي 6 کان 7 ڪروڙ ماڻهو هڪ ئي ڏينهن، هڪ ئي وقت ڪنهن به سرڪاري حڪم يا جبر کان سواءِ پنهنجي گهرن مان نڪرن ۽ روڊن تي اچي جشن ملهائين؟ دنيا جي وڏن ملڪن ۾ جڏهن لکين ماڻهو گڏ ٿيندا آهن ته اتي سيڪيورٽي جا مسئلا، ڀڃ ڊاھ ۽ بدامني جنم وٺندي آهي. پر هيءَ سنڌ جي ڌرتي آهي ۽ هي سنڌ جو “اٻوجهه سادو” سڏرائيندڙ عوام آهي، جنهن ثابت ڪيو آهي ته هو دنيا جي سڀ کان مهذب قوم ۽ ماڻھو آهن. ڪروڙين ماڻهن جو هي سمنڊ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڇلڪي ٿو، اٿلي ٿو پر مجال آهي جو ڪٿي بدامنيءَ جو هڪ واقعو به پيش اچي! ڪٿي ڪا لٺ هلي يا ڪنهن جي عزت تي آڱر کڄي؟ بلڪل نه! هي پرامن رويو ڇا ٿو ثابت ڪري؟ اهو ئي ته سنڌ جو ماڻهو پنهنجي خمير ۾ امن پسند (Peace-loving) آهي. اهو دنيا کي ٻڌائي ٿو ته اسان اها قوم آهيون، جيڪا وڏن هجومن ۾ به پنهنجي اخلاقيات ۽ محبت جو دامن نٿي ڇڏي. هي ڊسيپلين ڪنهن پوليس يا فوج جو نه پر سنڌ جي صوفياڻي تربيت ۽ هزارين سالن جي تهذيب جو نتيجو آهي.

سنڌ: انسانيت جي اعليٰ درجي تي پهتل خطو

سنڌ رڳو هڪ جاگرافيائي خطو ناهي، هي انسانيت جي ارتقا جو اهو درجو آهي، جتي نفرت جي گنجائش ناهي. ثقافتي ڏهاڙو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌي قوم “عالمگير انسانيت”(Universal Humanism) جي علمبردار آهي. جڏهن سنڌي ماڻهو ٽوپي ۽ اجرڪ پائي نڪري ٿو ته هو ڪنهن ٻئي جي خلاف نعرو نٿو هڻي، هو نفرت نٿو پکيڙي، بلڪه هو محبت جو پيغام ڏئي ٿو. شاهه لطيف جي ڌرتيءَ جا هي وارث دنيا کي ٻڌائين ٿا ته، “اسان جي خوشي امن سان آهي ۽ اسان جو وجود محبت لاءِ آهي”.

دنيا جي ٻين خطن ۾ قومپرستي اڪثر ڪري تشدد جو روپ وٺي ويندي آهي پر سنڌ اها واحد ڌرتي آهي، جتي قومپرستي جو اظهار رقص، موسيقي ۽ ڀاڪر پائڻ جي صورت ۾ ٿئي ٿو. ڇا اها ڳالهه فخر ڪرڻ جهڙي ناهي؟

“سنڌ اڳواڻي ڪئي، سڄي ملڪ هي واٽ ورتي”

اڄ جيڪڏهن اسان ڏسون ٿا ته پاڪستان ۾ وسندڙ ٻيون قومون پنجابي، پختون، بلوچ، سرائڪي ۽ گلگتي پنهنجي ثقافتي ڏهاڙن کي فخر سان ملهائي رهيون آهن ته ان جي سرواڻي به سنڌي قوم جي سر تي آهي. سنڌين ئي اهو شعور ڏنو ته، “پنهنجي ثقافت تي فخر ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي، بلڪه اهو زنده قومن جو اهڃاڻ آهي”. سنڌ جي هن ڏهاڙي جي خوبصورتي ڏسي ٻين قومن کي به اهو احساس ٿيو ته اسان کي به پنهنجي اصل سڃاڻپ تي ناز ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي ثقافت جي اها ئي ته سونهن آهي، جو ان ٻين کي به پنهنجي سڃاڻپ سان پيار ڪرڻ سيکاريو. سنڌ نفرت نه پر محبت جو رواج وڌو آهي.

سنڌ جي ڏاھن ۽ دانشورن ڏانهن سوال ۽ دعوت:

هاڻي اچون ٿا ان اعتراض تي ته “نچڻ سان ڇا ملندو؟” ۽ “قوم بيوقوف بڻجي پئي”.

منهنجو، هڪ عام سنڌيءَ جو پنهنجي دانشورن کان سوال آهي: جيڪڏهن هي ڪروڙين ماڻهو “بيوقوف” آهن ته پوءِ ايتري وڏي تعداد ۾ اهڙو مثالي امن ڪيئن قائم آهي؟ ڇا جاهل ماڻهو ايتري محبت ۽ نظم و ضبط جو مظاهرو ڪري سگهن ٿا؟ هرگز نه! هي قوم جاڳيل آهي، بس ان کي هڪ نئين رستي جي تلاش آهي.

اي سنڌ جا مفڪر، اديب ۽ سياستدان! توهان تنقيد ڪرڻ بجاءِ هن عظيم الشان انساني سمنڊ جي اڳواڻي ڇو نٿا ڪريو؟ ڇا دنيا ۾ ڪو ٻيو ليڊر آهي، جنهن کي بغير سڏ ڏيڻ جي 7 ڪروڙ ماڻهن جو مجموعو ملي وڃي؟ توهان کي ملي رهيو آهي! توهان ڇو نٿا انهن ريلين ۾، انهن ميڙاڪن ۾ وڃي مائيڪ سنڀاليو ۽ چئو: “سنڌيو! توهان جي هن محبت ۽ اتحاد کي سلام. اچو ته هاڻي هن اتحاد کي علم، سائنس ۽ حقن جي حاصلات لاءِ استعمال ڪريون!“

جيڪڏهن توهان اهو نٿا ڪري سگهو، جيڪڏهن توهان عوام جي خوشي ۾ شريڪ ٿي انهن کي سڌو رستو نٿا ڏيکاري سگهو ته پوءِ مهرباني ڪري هڪ ڏينهن جي هن معصوم خوشيءَ تي اعتراض به نه ڪريو.

آخري ڳالھ….

سنڌي ثقافت ڏهاڙو رڳو هڪ ڏينهن ناهي. هي سنڌ جي زندگيءَ جي علامت آهي. هي اهو ڏينهن آهي، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته سنڌ، تمام تر ڏکن ۽ تڪليفن جي باوجود مسڪرائڻ ڄاڻي ٿي، جيئڻ ڄاڻي ٿي ۽ امن جو درس ڏيڻ ڄاڻي ٿي. هي ناچ ناهي، هي وجود جو اظهار آهي. هي ڪو تماشو ناهي، هي عالم انسانيت لاءِ امن جو چارٽر آهي.