ايڪتا ڏھاڙو ۽ “منشيات کان پاڪ سنڌ” جو عزم

                 سال 2009ع کان، تسلسل سان، پوري سنڌ سان گڏ پوري دنيا ۾، ھر سال ڀرپور نموني سان ملھايو ويندڙ “ايڪتا ڏھاڙو/سنڌي ثقافتي ڏھاڙو” ھاڻي نه صرف سنڌ جي ھڪ نئين ۽ جديد ثقافتي سڃاڻپ بڻجي ويو آھي پر، حقيقت ھي آھي ته، ھي ڏھاڙو جديد سنڌ کي اڏڻ جي خواب کي ساڀيان جو روپ ڏيندي اڳتي وڌي به رھيو آھي. ڪنھن ٿي سوچيو تہ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ محترم علي قاضي جي ڏنل سڏ کي سنڌ ائين موٽ ڏيندي جو دشمنن جون وايون بتال ٿي وينديون ۽ سڄڻن جون دليون خوش ٿي وينديون. گذريل سترنھن سالن کان بغير ڪنھن وٿي ۽ ساھي جي ھي ڏينھن پنھنجي پوري مان ۽ شان سان ملھايو پيو وڃي ۽ ھر سال ھن ڏينھن کي ڪنھن نه ڪنھن موضوع (ٿِيم) ھيٺ ملھائڻ جي جيڪا روايت وڌي وئي آھي اھا روايت به ڪا معمولي روايت نه پر، ھڪ اھڙو پيغام آھي جيڪو ٻڌائي ٿو ته اسان سڀ گڏجي سنڌ کي ڪھڙي طرح سان اڳتي وٺي وڃڻ چاھيون ٿا ٻنھي حوالن سان: قديم روايتن کي ساڻ کڻندي جديد روايتن جو بنياد رکندي اسان ھڪ اھڙي سنڌ کي اڏي سگھون ٿا، جيڪا ھر ان انياءُ کان پاڪ ھجي، جيڪو سڌي يا اڻ سڌي طرح سان سنڌ جي نصيب ۾ لڳايو ويو آھي. اھڙن انيڪ انيائن مان ھڪ خطرناڪ انياءُ آھي پوري سنڌ ۾ کليي عام منشيات جو ڪاروبار، وڪرو ۽ استعمال. سنڌ صوفين جي ڌرتي آھي، تهذيبن جي ماءُ آھي، محبت جي امين ۽ امن جي علامت رھي آهي، پر افسوس جو اڄ هيءَ ڌرتي پنھنجن ۽ پراون جي ڪنن ڪرتوتن سبب منشيات جهڙي سماجي بيماري جي وڪڙ ۾ اچي چڪي آهي. منشيات نه رڳو ھڪ فرد جي صحت کي نيست و نابود ڪري ڇڏي ٿي، پر ساڳيي وقت اھا سماج، معيشت ۽ موجودہ نسل سان گڏ ايندڙ پيڙھين کي به شديد نقصان پهچائي ٿي. ٽائيم نيوز/پنھنجي اخبار پاران “منشيات کان پاڪ سنڌ” جي سري ھيٺ ھي صرف هڪ نعرو نه، پر اسان سڀني جي هڪ گڏيل قومي ذميواري آهي، جنهن کي عملي شڪل ڏيڻ اڄ جي وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت بڻجي چڪي آهي. ڪنھن کي ڄاڻ ۾ ناھي ته: منشيات جا اثر انتهائي خطرناڪ آهن. نوجوان ٽھي جيڪا ڪنهن به قوم جو سرمايو ۽ آئيندو هوندي آهي، اھا سڀ کان وڌيڪ هن ڦٽڪار جو شڪار ٿئي ٿي. منشيات يعني نشي جي لت ھڪ ڀيرو جڏھن ڪنھن سماج ۾ گھر وڃي ته ان لت مان ٻيو ڪير متاثر ٿئي نه ٿئي پر ان سماج جو نوجوان ان جو بري طرح سان شڪار ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ اسان جو نوجوان پنھنجي اھم ذميواري يعني تعليم کان مڪمل طور تي پري ٿي وڃي ٿو.

منشيات جي ڪري سماج ۾ بيروزگاري جنم وٺي ٿي. ڏوهن ۾ اضافو ٿئي ٿو. چوري چڪاري، تشدد ۽ اخلاقي زوال جنم وٺن ٿا. ھي ته آھن ڪجھ سماجي برايون پر، جيڪڏھن اسان پنھنجي صحت کي آڏو رکون ته، ھن حوالي سان به منشيات اسان جي جگر، دل ۽ دماغ کي جيترو  نقصان پهچائي ٿي ايترو ڪا ٻي سماجي برائي نٿي پھچائي. منشيات جي واپرائڻ جي ڪري ڪيترائي چڱا ڀلا ماڻهو وقت کان اڳ پنھنجي زندگي جي جنگ کي ھارائي وڃن ٿا. نه صرف ايترو پر نشي جو عادي شخص صرف پنھنجي زندگي جو انت نٿو آڻي پر، ھو پنھنجي خاندان جي خوابن جو قاتل به بڻجي وڃي ٿو. جيڪڏھن اجتماعي طور تي پرک ڪجي ته ھن قسم جي صورتحال پوري سنڌ جي سماجي ڍانچي کي سخت ڌڪ رسائي رھي آھي ۽ رسائي چڪي آھي. تڏھن ته اسان ۽ توھان مجبور ٿيا آھيون ته ھن سال واري ڏھاڙي کي منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري ھيٺ ملھايو وڃي ته جيئن ھي پيغام سنڌ جي جھر ۽ جھنگ تائين پھچي وڃي ۽ اسان جي سماج جا ذميوار فرد پنھنجي سماجي ذميواري کي محسوس ڪندي پنھنجو موثر ڪردار نڀائين ۽ سنڌ کي حقيقت ۾ منشيات کان پاڪ سنڌ ڪري ڏيکارين. منشيات جي ڪاروبار، وڪري، استعمال ۽ واڌ ويجھ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، جن ۾ غربت، بيروزگاري، مناسب تعليم تائين رسائي جو نه ھجڻ، خانداني لاپرواهي شامل آھن پر گھڻي حد تائين خراب صحبت کي به نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. سماج ۽ سرڪار پاران ذڪر ھيٺ ڪارڻن تي جيڪڏھن سنجيدگي سان ڪم نه ڪيو ويو ته منشيات خلاف جدوجهد صرف نعريبازي تائين محدود رھجي ويندي. سماج، حڪومت ۽ سرڪاري يا غير سرڪاري اداران سان گڏ والدين، استادن، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي به پنهنجو ڪردار ڀرپور طرح سان ادا ڪرڻ لاءِ اڳيان اچڻو پوندو. منشيات کان پاڪ سنڌ لاءِ سڀ کان اول شعوري سجاڳي ضروري آهي. تعليمي ادارن ۾ آگاھي مهمون، سيمينار ۽ نوجوانن لاءِ ھاڪاري سرگرميون جهڙوڪ: راندين جا مقابلا، ثقافتي تقريبون ۽ فني تربيت جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. ساڳيي وقت منشيات جي اسمگلنگ ۽ وڪري خلاف قانوني ڪارروائي کي به وڌيڪ سخت ۽ اثرائتو بڻائڻ ضروري آهي. بحالي مرڪزن کي بهتر بڻائي نشي جي عادت ۾ ورتل ماڻهن کي سٺي زندگي ڏانهن واپس آڻي سگھجي ٿو. ڀلا ھن حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو تہ: سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي موقعن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ڪجھ ملازم ۽ آفيسر منشيات جي وڪري ۽ سمگلنگ ۾ ملوث پاتا ويا آهن.

ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھ آھي ته اهي ادارا، جن کي سماج کي منشيات جهڙي ناسور کان محفوظ رکڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويو آھي، اندروني ڪمزورين، بدعنوانين، لوڀ، طاقت ۽ اختيار جي غلط استعمال جا مثال بڻجي سامهون اچن ٿا، جنھن جي ڪري ھڪ پاسي اسان جو سماج منشيات جھڙي ڦٽڪار جو بري طرح سان شڪار ٿي رھيو آھي ته ٻئي پاسي ادارن تي عوام جو اعتماد سخت متاثر ٿئي ٿو. منشيات جو ڪاروبار تمام وڏو نفعو ڏيندڙ ۽ غيرقانوني ڌنڌو آهي، جنهن سبب ڪجهه اهلڪار آرام سان لوڀ ۾ اچي وڃن ٿا. اھڙي طرح سان اھي ته منشيات وڪرو ڪندڙن کي تحفظ فراهم ڪن ٿا يا وري ڇاپن کان اڳ اطلاع ڏئي ڇڏين ٿا، جنھن مان ثابت ٿو ٿئي تہ اھي پاڻ به سڌي يا اڻ سڌي طرح سان ڪني ڪرت جا حصيدار بڻيل آھن. ھن جو سڀ کان وڏو نقصان ھي ٿئي ٿو ته منشيات جو نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو ۽ نوجوان نسل تباهيءَ جي دڳ تي تيزي سان اڳتي وڌندو رهي ٿو. منشيات جھڙي بري صورتحال جي بنيادي سببن ۾ پڇاڻي جو ڪمزور نظام، گهٽ پگهارون، سياسي، سماجي ۽ اداراجاتي دٻاءُ به شامل آهن. جيڪڏهن شفافيت، سخت نگراني ۽ بي رحم پڇاڻي واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي ته منشيات جي خلاف اسان سڀني جي جنگ سھڻي نموني سان ڪامياب ٿي سگھي ٿي.

ضرورت ھن ڳالهه جي آهي تہ ايماندار اهلڪارن کي تحفظ ڏنو وڃي، ڪرپٽ آفيسرن کي عبرتناڪ سزا ملي، ۽ ادارن ۾ سڌارن جي عملن کي لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن عوام جو ويساھ بحال ٿئي ۽ منشيات کان پاڪ سنڌ جو خواب پنھنجي ساڀيان کي عملي شڪل ۾ ڏسي. آخر ۾ اهو چوڻ بجا ٿيندو ته منشيات کان پاڪ سنڌ جو خواب تڏهن ئي حقيقت بڻجي سگهي ٿو، جڏهن سماج جو هر فرد پنهنجي حصي جو ڪردار ايمانداري سان ادا ڪري. جيڪڏهن اڄ اسان گڏجي فيصلو ڪريون ته پنهنجي نوجوانن کي نشي کان محفوظ رکنداسين، ته سڀاڻي سنڌ هڪ ٻيهر صحتمند، خوشحال ۽ اسريل ڌرتي بڻجي سگهي ٿي، جيڪو اسان سڀني جو خواب به آھي ته ھن سال جي ثقافتي ڏھاڙي جو پيغام به آھي. اچو ته گڏجي پنھنجي ھن سال واري ثقافتي ڏھاڙي کي منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري ھيٺ ڀرپور نموني سان ملھايون ۽ پاڻ سان ھي وچن ڪريون ته جنھن به نوجوان کي نشي جي لت ۾ ڏٺوسين ان کي ويجھي بحالي مرڪز تائين ضرور پھچائينداسين ۽ ساڳي سلسلي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد پڻ ڪنداسين ته جيئن سنڌ مان ھن لعنت جي مڪمل طور تي پاڙ پٽي سگھي، ڇوته ھن سان اسان ۽ ايندڙ پيڙهين جو مستقبل لاڳاپيل آھي.