ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جو گهير تنگ، نيب سندس فرنٽ مين جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيا
سنڌ جي ايڪسائيز کاتي ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري اسڪينڊل ۾ نيب
مڪيش ڪمار چاولا جي فرنٽ مين حسن علي شريف ۽ وحيد شيخ کي جاچ ۾ شامل ڪيو
وحيد شيخ مڪيش ڪمار چاولا جي دور ۾ ايڪسائيز کاتي جو ڊائريڪٽر هو، کيس ڊي جي نارڪوٽڪس ۽ ٻيون اضافي ذميواريون به مليل هيون
نيب 17 آگسٽ تي هڪ نوٽيس جاري ڪندي ٻنهي عملدارن کي گذريل ڏينهن طلب ڪيو هو، نيب جو چوڻ آهي ته ايڪسائيز کاتي ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا ويا