ايڪسپورٽر ايف بي آر جي نشاني تي، گهٽ آمدني ظاهرڪندڙن جي گوشوارن جي جاچ جو حڪم

ايڪسپورٽر ايف بي آر جي نشاني تي، گهٽ آمدني ظاهرڪندڙن جي گوشوارن جي جاچ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايف بي آر ايڪسپورٽرن جي ٽيڪس گوشوارن جي جاچ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ايف بي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق ٽيڪس نظام ۾ تبديلي کان پوءِ ايڪسپورٽرن ٽيڪس آمدني گهٽ ظاهر ڪئي آهي. انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي قلم 154 ۾ ترميم کان پوءِ اسڪرونٽي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فنانس ايڪٽ تحت ايڪسپورٽ آمدني تي فائنل ٽيڪس بدران گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس لاڳو ڪيو. وڏي پئماني تي ايڪسپورٽ ڪندڙن جي قابل ٽيڪس آمدني ۾ اوچتي گهٽتائي تي ايف بي آر ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. فيلڊ فارميشنز کي ايڪسپورٽرن جي گوشوارن جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. بغير جواز آمدني گهٽ ظاهر ڪرڻ تي قانوني ڪارروائي جو جو به اشارو ڏنو ويو آهي. ايف بي آر ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي وڏن ايڪسپورٽ ڪندڙن جي فهرست به تيار ڪئي آهي. ايف بي آر پاران وڏن شهرن مان 30، 20 ۽ 10 وڏن ايڪسپورٽرن جي نشاندهي ڪرڻ جو به لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏنو ويو آهي. پهريائين شڪي ايڪسپورٽرن جا تفصيل ايف بي آر وٽ جمع ڪرائڻ، ايڪسپورٽرن جي فهرست گوگل شيٽ تي به فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.