اي آءِ مائيڪرو ڊرامن جي مقبوليت، چهرا ڀاڙي تي موجود، 700 ڊالر معاوضو

اي آءِ مائيڪرو ڊرامن جي مقبوليت، چهرا ڀاڙي تي موجود، 700 ڊالر معاوضو

بيجنگ (ڪلچرل ڊيسڪ) چين ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (مصنوعي ذھانت) جي تيزيءَ سان ترقي ماڻهن لاءِ آمدنيءَ جو هڪ نئون ذريعو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اداڪار، ماڊلز ۽ عام شهري به پنهنجي تصوير يا چهري جي استعمال جي اجازت ڏئي 15 کان 700 آمريڪي ڊالرن تائين معاوضو حاصل ڪري سگهن ٿا. اهي چهرا پوءِ اي آءِ جي مدد سان تيار ڪيل وڊيوز ۽ ڊرامن ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن. چيني پليٽ فارم ‘ريسٽ آف ورلڊ’ جي رپورٽ موجب چين ۾ ڪيترائي اهڙا آن لائن پليٽ فارم ڪم ڪري رهيا آهن جتي ماڻهو پنهنجون تصويرون رجسٽرڊ ڪرائيندا آهن ۽ پوءِ پروڊيوسرز پنهنجي ضرورت موجب مختلف چهرن جي چونڊ ڪندا آهن. انهن پليٽ فارمن تي عمر، جنس ۽ ظاهري روپ جي لحاظ کان چهرن جون الڳ الڳ فهرستون موجود هونديون آهن. ڪجهه ڪيٽيگريز ۾ عام ڇوڪري، سپر ماڊل ۽ ٻيا انداز شامل آهن، جڏهن ته پروڊيوسرز ڪاميڊي، رومانوي يا سنسني خيز ڪهاڻين جي مطابق به چهرا چونڊي سگهن ٿا. ريسٽ آف ورلڊ موجب ان رجحان جي هڪ وڏي وجهه چين ۾ مائيڪرو ڊرامن جي وڌندڙ مقبوليت آهي. اهي مختصر دورانيي جا ڊراما خاص طور تي موبائل فون تي ڏسڻ لاءِ ٺاهيا ويندا آهن. سال 2026ع جي پهرين ٽن مهينن دوران چين ۾ تقريبن هڪ لک 28 هزار مائيڪرو ڊراما جاري ڪيا ويا، جن مان 95 سيڪڙو کان وڌيڪ جي تياريءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي مصنوعي ذھانت جو استعمال ڪيو ويو. شين زين ۾ قائم هڪ ڪمپني ”ايڪٽ آءِ ڊي“ مارچ 2026ع ۾ پنهنجي سروس شروع ڪئي. ڪمپنيءَ موجب هينئر تائين تقريبن 800 ماڻهن ان پليٽ فارم تي رجسٽريشن ڪرائي آهي، جن مان تقريبن 300 ماڻهن پنهنجي چهري کي اي آءِ پروڊڪشنز لاءِ لائسنس ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. ڪمپنيءَ موجب هينئر تائين ٻن اي آءِ ڊرامن ۾ تقريبن 10 ماڻهن جا چهرا استعمال ڪيا ويا آهن، جن جي بدلي في قسط 15 کان 74 ڊالرن تائين ادائيگي ڪئي وئي، جڏهن ته ڪمپني ان رقم تي 10 سيڪڙو ڪميشن وصول ڪندي آهي. اهڙي طرح نيو ڪلا  نالي ڪمپنيءَ به چهرن جا لائسنس ڏيڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو آهي. ڪمپنيءَ جو چوڻ آهي ته اي آءِ جي وڌندڙ مقبوليت سبب روايتي ڊرامن ۽ اشتهارن جي بجٽ ۾ ڪٽوتي آئي آهي، جڏهن ته ڪيترائي مهانگا برانڊز به هاڻي اي آءِ سان تيار ڪيل مواد ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. ڪمپنيءَ هر تصوير جي گھٽ ۾ گھٽ قيمت 74 ڊالر مقرر ڪئي آهي ته جيئن ماڻهو هڪ ٻئي سان گھٽ قيمت تي مقابلو نه ڪن.جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اهي به شڪايتون ڪن ٿا ته انهن جي اجازت کانسواءِ چهرا ڊرامن لاءِ استعمال ڪيا ويا.