| اي آءِ هڪ هٿيار، تخليقي صنف لاءِ خطرو بڻجي ويندي؟ |
حيدرآباد: آرٽيفيشنل انٽليجنس ۽ انساني تخليقي آرٽ جي سيشن ۾ دانشور نيئر عباس چيو ته اي آءِ اڄ اسان جي مدد ڪري رهي آهي. مشينون اڳ به اينديون هيون. اي آءِ هڪ صحافي جي خبر ڪالم ۽ شاعر لاءِ شاعري به مصنوعي ذهانت لکي رهي آهي. مصنوعي ذهانت جو صحافت. آرٽ جي تشڪيل ۾ ڪردار آهي. اڳ ۾ مشين انسان جي حريف هئي. هاڻ تبديلي آئي آهي. اي آئي هاڻ حريف نه رهي آهي. اي آئي وٽ انساني علوم جو زخيرو موجود آهي. ان وٽ وسيع علم آهي. هاڻ بغير انسان جي گاڏي هلي پئي ۽ ميزال هلي رهيا آهن. اي آئي هڪ تربيت يافته مشين آهي. هڪ هٿيار به آهي. جيڪا نيريٽيو به ٺاهي سگهي ٿي. اي آئي تخليقي صنف لاءِ خطرو بنجي ويندي. امر فياض چيو ته ائي اي مصنوعي ذهانت ٽن ڏاڪن تي ڪم ڪري ٿي. الغورٿم به ڪم ڪري ٿو. اي آئي هاڻ انسان کان به چالاڪ آهي. انسان وٽ احساس آهي. سڏڪا آهن پر اهي آئي اي وٽ ناهي. هن چيو ته هاڻ ماڻهو مشين تي انحصار ڪري ٿو. مشين درد بيان نٿي ڪري سگهي.