| اي او بي آءِ جي اپيل منظور: صدر ۽ هاءِ ڪورٽ جا حڪم ڪالعدم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) جي اپيل منظور ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، وفاقي محتسب ۽ صدر پاڪستان جا حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا. وفاقي آئيني عدالت جي 12 صفحن تي ٻڌل لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي محتسب پينشن جي اهليت طئي ڪرڻ لاءِ قانون ۾ مقرر ڪيل مخصوص طريقيڪار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهي، قانوني گهرجون پوريون نه ڪندڙ شخص کي پينشن ڏيڻ جو حڪم پڻ نٿو ڏئي سگهجي. عدالت قرار ڏنو ته قانوني حق بابت تڪرار کي رڳو بدانتظامي جو نالو ڏئي محتسب جي دائره اختيار ۾ واڌ نٿي ڪري سگهجي. پينشن جي درخواست رد ٿيڻ پاڻمرادو بدانتظامي جي زمري ۾ نٿو اچي، جڏهن ته بدانتظامي ثابت ڪرڻ لاءِ من ماني، امتيازي سلوڪ، غفلت يا بنا جواز دير جهڙا عنصر موجود هجڻ ضروري آهن. چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽن رڪني بينچ 12 صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪيو. درخواستگذار جي وڪيل طور عمر اعجاز گيلاني عدالت ۾ پيش ٿيو.