| اي اين ايف جو ڪم منشيات پڪڙڻ نه روڪڻ آهي: سپريم ڪورٽ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ منشيات ڪيس جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل منشيات جي سپلاءِ بند نه ٿيڻ تي سرڪاري ادارن کي ڇنڊ پٽيندي ريمارڪس ڏنا ته بارڊر کان هڪ هڪ هزار ڪلوميٽر اندر منشيات ڪيئن اچي ويندي آهي. بلوچستان جي ٽن ضلعن ۾ منشيات جا فصل پوکيا پيا وڃن، سڀني کي خبر آهي پر ڪو ڪارروائي ناهي ڪندو. جسٽس جمال مندوخيل جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته آخر منشيات شهرن تائين پهچندي ڪيئن آهي. بارڊر تي منشيات کي ڇو ناهي روڪيو ويندو. بارڊر کان هڪ هڪ هزار ڪلوميٽر اندر منشيات ڪيئن اچي وڃي ٿي، 5 يا 10 ڪلو جو معاملو ناهي پر ٽنن جي حساب سان منشيات ايندي آهي، هي ضياءُ الحق جو ڏنل تحفو آهي، هاڻي ان کي ڀوڳيو. جسٽس مندوخيل ريمارڪس ڏيندي چيو ته بلوچستان جي ٽن ضلعن ۾ منشيات جو فصل پوکيو پيو وڃي، سڀني کي خبر آهي پر ڪو ڪارروائي ناهي ڪندو. اي اين ايف جو ڪم ڪلو ڪلو منشيات پڪڙڻ ناهي، پر سپلاءِ لائن کي ڪٽڻ آهي، ننڍيون ڪارروايون ته پوليس به ڪندي رهندي آهي. عدالت ڪوريئر ڪمپني جي مينيجر جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪندي اي اين ايف کي جوابدار جي سي سي ٽي وي فوٽيج پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.