| اي اين پي پاران ڪي پي ۾گورنر راڄ کان لاتعلقي ظاهر |
پشاور(م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي مرڪزي صدر سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته ڪي پي ۾ گورنر راڄ جي معاملي کان اي اين پي کي ٻاهر رکيو وڃي. پنهنجي بيان ۾ ايمل ولي خان چيو ته اي اين پي جو بنياد خدائي خدمتگار تحريڪ جي عدم تشدد ۽ انساني وقار جي اصول تي قائم آهي. هن چيو ته اسان جو نظريو امن، برداشت ۽ عالمي هم آهنگي جو علمبردار آهي، پشتون قوم هميشه نوآبادياتي ظلم جي مقابلي ۾ باوقار اصولي موقف اختيار ڪيو. اي اين پي اڄ به پاڪستان ۾ جمهوريت، برداشت ۽ ترقي جي نشاني آهي. گورنر راڄ جي معاملي کان اي اين پي کي ٻاهر رکيو وڃي.