اي جل پري! پاڻي ڀرڻ اچ ….ميان مير چانڊيو

                 مون سنڌي، بلوچي، سرائيڪي ۽ پنجابي شاعري پڙھي آھي، انهن سڀني ٻولين جي شاعري جو رس چس پنهنجو پنهنجو آھي, پر سنڌي شاعري انهن سڀني ٻولين جي شاعرين کان ان ڪري به وڌيڪ آھي جو ان کي شاه عبداللطيف ڀٽائي، شاه عبدالڪريم، سچل، سامي، قاضي قادن، شاه لطف الله قادري، ميئين عنايت، خليفي نبي بخش قاسم ۽ ٻين جي شاعري ملي. آڳاٽن سنڌي شاعرن جي شاعري اساسي شاعري سڏجي ٿي, جنهن شاعري ۾ شاعرانا خوبين جي اظھار سان گڏ مقصد ۽ معنيٰ سمايل آھي, اساسي شاعري ۾ الله تعالي جي وحدانيت ۾ ڪامل يقين, انسانذات سان محبت، عظيم ڪردارن ۽ اعليٰ معيارن جي تشريح آھي, سنڌي اساسي شاعري صوفين ۽ سالڪن جي درد جو ھڪ نفيس احساس آھي,

آلوڙو اکين, آيم ننڊ نڀاڳ جي,

هاڻي هن ڀنڀور ۾ گهاريان ڪارڻ ڪن،

اديون اوٺيئڙن، هنئين سان هاڃو ڪيو.

سنڌي شاعري کانسواءِ آڳاٽي سرائيڪي ۽ پنجابي شاعري ۾ به دلڪش احساس ۽ روح کي ڇڪيندڙ ڪيفيتون موجود آھن.

چن سجنا وي نيڙي نيڙي هو,

ڪهندايان نگاوان ميتون دور نه کهلو,

جد ڪدي تيري نال آنکهه لڙ گئي،

مينون بنا پيتايان شرابي ڪر ڳَئي.

سرائيڪي ۽ پنجابي شاعري جا ڪيترائي خوبصورت شاعر ٿي گذريا آھن، جن جي شاعري ماکي جي لار جهڙي شاعري آھي، جن ۾ بلهي شاه، خواجا غلام فريد، سلطان باهو، شاه حسين، پير مهر علي، وارث شاه، گرو نانڪ، شاڪر شجاع آبادي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

اساسي شاعري ابتدائي شاعري هجي ٿي، جنهن جو پيغام محبت ميٺ امن ۽ انسانيت وارو هجي ٿو, ڪيئي سال اڳ سنڌي ادبي سنگت جي هڪ پروگرام ۾ اساسي/ڪلاسيڪي شاعري تي ڳالهائي اسٽيج تان هيٺ لهي رهيو هوس ته سامهون هڪ جهونو اڇي ڇاپئون ڏاڙھي سان ويٺو هو، ٻه قدم اڳتي ڀري اچي مون سان مليو. هو اسي سال کان به اڳتي نڪري چڪو هو. هن چيو ته آئون به اساسي شاعري ٿو لکان. اساسي شاعري مان هن جو مطلب ڪنهن به ماڻھوءَ جي ابتدائي شاعري هئي. مون هن ڏانهن گهوري ڏٺو ته هن جي نڪ تي پگهر اچي رهيو هو,  هن  ڳالهايو  ٿي ته هن جو آواز ڌڪڙيو ٿي.

هو اصل ڪٿان جو هو, ان جي صحيح خبر ناهي پر غالبن هو اصل بلوچستان جي ڪنهن علائقي جو رهواسي هو, جيڪو بعد ۾ سنڌ لڏي آيو, اچي گوگڙي درياءَ جي ڇاڙھي جي ڪنڌيءَ کان، جنهن کي مقامي ماڻھو گهار سڏين ٿا، اتي ڪکائون گهر ۽ اوطاق جي لانڍي ٺاهي اچي ويٺو هو. مٿانهين زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ھرلو هلائيندو هو. هو شاعر هو. هو بلوچي شاعري به لکندو هو, بلوچي شاعري به پنهنجي شاعراڻي دلڪشي ۽ گوناگون ڪمالات جي ڪري بي مثال آھي, بلوچي شاعرن ۾ مير گل خان نصير, ظهور شاه هاشمي, مراد ساحر, عبدلله آدم حقاني, عبدالرحمان غور, نورمحمد همدم، احمد جگر، ملا فضل، ملا خدا بخش، ملا عزت بيگ نيگوري، ملا قاسم، مست توڪلي، ڄام درڪ، حاجي عنايت الله قومي، اشرف سربازي ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آھن. جيتوڻيڪ بلوچي آڳاٽي شاعري ۾ فارسي جو اثر ملي ٿو، ان ڪري جو فارسي ۽ بلوچي  ٻولين جون  حدون سرحدون ڪڏھن ساڳيون رهيون آھن, گڏوگڏ  فارسي ۽ بلوچ ماڻھن جا هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپا به گهرا رهيا آھن.

هڪ دفعي رات دير سان گهار وٽان گهوڙي تي اچي رهيا هئاسون. گهار جي ڪناري کان هڪ پراڻي ڪنڊ جي وڻ ھيٺان ڏيئو ٻري رهيو هو. هلڪو هلڪو اتر لڳي رهيو هو. پري کان گنگنائڻ جو آواز ٿي آيو. ويجهو وڃي ڏٺوسين ته جهونو بلوچ شاعر حيدر کوسو ڳائي رهيو آھي.

آفاني پري آفا پيا,

آفي غان سرا  آفا بيا,

ٿران مرشذ, دروهي اين آفا بيا,,,

(اي جل پري پاڻي ڀرڻ اچ,

سکي کان اڳ پاڻي ڀرڻ اچ,

توکي مرشد جو قسم آھي ,

پاڻي ڀرڻ اچ)

مون کي پوءِ اتان جي ڳوٺاڻن ٻڌايو هو ته جيستائين جهونو حيدر کوسو اتي ويٺل هو، اڪثر سرد راتين ۾ ان ڪنڊيءَ جي وڻ ھيٺان ويهي بلوچي گيت ڳائيندو هو, هن کي ته اساسي شاعري جي ڪا گهڻي پروڙ ڪانه هئي, پر آڳاٽي شاعري ڳائي دل وندرائيندو هو, اساسي شاعري ۾ تصوف جا مثبت لاڙا موجود آھن, سنڌ جي صوفي شاعرن ان دڳ تي هلندي اساسي شاعري ۾ تصوف جا رنگ ڀريا آھن. صوفي مت ۾ موت، فنا، پاڻ سڃاڻڻ، جي وڏي اهميت آھي. انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ کان پوءِ سنڌ جي صوفي فڪر ۾ زندگي بابت مثبت رويو پيدا ٿيو.

سنڌي ماڻھن جي نفسيات کي غورسان ڏٺو وڃي ته منجهس وجودي فڪر، عدم تشدد، امن پرستي ۽ پيار جا جذبا موجود آھن.

راڻو ملاح، اسماعيل اداسي، جاني شاه، ستار چنا، عيدن مغل به سنڌي ادبي سنگت جا ميمبر هئا. هو به دستوري گڏجاڻين ۾ ايندا هئا، شاعري ٻڌائيندا هئا. راڻو ملاح رنگ ڇڏي ويل پراڻي ٽوال جو پٽڪو، جنهن جو هڪ ڇيڙو کاٻي ڪن وٽان هيٺ ڇڏيل هوندو هو، ٻڌندو هو. ميرا ڪپڙا پاتل، پگهر وهائيندو، جڏھن اوچتو گڏجاڻي ۾ ايندو هو ته ڪنهن فلم جي اداڪار جيان لڳندو هو, سنگت ۾ انهن ايندڙ اڪثر شاعرن کي اساسي يا ڪلاسيڪي شاعري متعلق ڪا گهڻي خبر تج ڪونه هوندي هئي پر هو ڄڻ تج شاعري جي فوج جا چست سپاهي هئا، جيڪي سنگت جي محاذ تان قومي توڙي عشقيا شاعري ٻڌائي دل جو بار هلڪو ڪندا هئا. شاعري جي انهن رتن مان ڪيترائي ئي هن جهان مان ڪوچ ڪري چڪا آھن, باقي جيڪي بچيا آھن، اهي زماني جي ستمگرين جي اونده ۾ گم آھن. آئون ڪيئي سالن پڄاڻان جڏھن گونگڙي جي ڇاڙھي گهار جي ڪنڌي کان لنگهان ٿو /ڏسو صفحو 5 بقايا 01

 ته نه ڪنڊ جو ساڳيو وڻ موجود آھي، نه ڏيئو ۽ نه ئي حيدر کوسو. آئون اساسي شاعري جو پڙاڏو پنهنجي ڪنن ۾ گونجندي محسوس ڪريان ٿو, جيڪو ڪيئي سال اڳ اڌ راتين تائين اوطاقن ۾ گونجندو هو,

پيهي جا پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،

نه ڪو ڏونگر ڏيھ ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.