اي پي اين ايس لاءِ 5 ۽ سي پي اين اي لاءِ هڪ ڪروڙ جو اعلان  

اي پي اين ايس لاءِ 5 ۽ سي پي اين اي لاءِ هڪ ڪروڙ جو اعلان  

 ڪراچي: اي پي اين ايس کي ڪيپسٽي بلڊنگ ۽ ميمبر پبليڪيشنس لاءِ 5 ڪروڙ، سي پي اين اي کي اينڊوومينٽ فنڊ لاءِ هڪ ڪروڙ، ڪراچي پريس ڪلب کي 7 ڪروڙ، حيدرآباد پريس ڪلب کي ساڍا 3 ڪروڙ ۽ مستحق صحافين لاءِ 5 ڪروڙ مختص ڪيا ويا، اهڙي طرح سکر، نوابشاهه، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص پريس ڪلبن لاءِ 50-50 لک مختص ڪيا ويا.ڪراچي يونين آف جرنلسٽ ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ کي اينڊوومينٽ فنڊ لاءِ هڪ، هڪ ڪروڙ ڏنا ويا. جڏهن ته پي ايف يو جي ۽ ايس يو جي کي اينڊوومينٽ فنڊ لاءِ 50-50 لک ڏنا ويا. سنڌ نيوز پيپر سوسائٽي کي هڪ ڪروڙ ۽ سنڌ پارليامينٽري رپورٽرز ايسوسيئيشن کي 2 ڪروڙن جي گرانٽ منظور ڪئي وئي،هوڏانهن پاڪستان ايسوسيئيشن فار پريس فوٽوگرافر کي 20 لک ملندا.