اي چالان تحت ڏنڊ جي رقم گھٽجندي؟ لنجار جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم

اي چالان تحت ڏنڊ جي رقم گھٽجندي؟ لنجار جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڏنڊ گهٽائڻ جون تياريون؟ ڪراچي ۾ متعارف ڪرايل اي چالان سسٽم جو جائزو وٺڻ لاءِ 12 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار کي ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي، ايم پي اي عاصم خان، فاروق اعواڻ، سعديه جاويد، افتخار عالم، طاحه احمد، شبير قريشي ڪميٽي ۾ ميمبر طور شامل ڪيا ويا، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوم، سيڪريٽري قانون، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي، ڊي آئي جي ٽريفڪ کي به ڪميٽي ۾ ميمبر طور شامل ڪيو ويو. ڪميٽي اي چالان سسٽم جو جائزو وٺندي، ڪميٽي ڏنڊ جي رقم بابت مسئلن جو به جائزو وٺندي ۽ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سفارشون تيار ڪندي. واضح رهي ته اي چالان سسٽم تحت ڳرا ڏنڊ مڙهڻ وارو معاملو سنڌ اسيمبلي ۾ به اٿاريو ويو هو، جنهن بعد حڪومت طرفان ڪاميٽي جوڙي وئي.