| اي چالان جا ڏنڊ گهٽائڻ، ڊپٽي ميئرن ۽ وائيس چيئرمينن جا اختيار وڌائڻ جو فيصلو |
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي قانون واري کاتي اي چالان واري لاڳو قانون ۾ ترميم لاءِ مسودو تيار ڪري ورتو، اهو مسودو 13 جنوري تي سڏايل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ٿيندو، ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ اي چالان کانسواءِ مڪاني ادارن واري قانون ۾ ترميم وارو مسودو پڻ پيش ٿيندو، ذريعن موجب اي چالان جي لاڳو ٿيل قانون ۾ موٽر سائيڪل سوارن ۽ ننڍين گاڏين تي لاڳو ٿيل ڏنڊ جي رقم ۾ گھٽتائي ڪرڻ سميت ٻين شقن ۾ ترميم ٿيندي، اهو ڊرافٽ ڪابينا جي منظوري بعد سنڌ اسيمبلي ڏانهن اماڻيو ويندو، ذريعن موجب مڪاني قانون ۾ ترميم آڻي ڊپٽي ميئرن ۽ وائيس چيئرمينن جا اختيار وڌايا ويندا، ذريعن موجب قانون سازي لاءِ سنڌ اسمبلي جو اجلاس جنوري جي آخري ھفتي ۾ ڪوٺايو ويندو