اي چالان سڄي سنڌ لاءِ آھي، عوام قانون تي عمل ڪري: آءِ جي سنڌ

  اي چالان سڄي سنڌ لاءِ آھي، عوام قانون تي عمل ڪري: آءِ جي سنڌ

بدين(رپورٽر) انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس (آءِ جي سنڌ) غلام نبي ميمڻ پوليس لائن بدين پھچي ڊجيٽل ڊرائيونگ لائسنس برانچ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، پوليس لائن بدين ۾ ڊجيٽل ڊرائوئينگ لائسن برانچ بدين جي  افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته بدين ضلع جا ماڻھون پنھجا ڊرائيونگ لائيسن ٺھرائڻ لاءِ ٻين مختلف ضلعن ۾ ويندا ھئا، جنھن جي بدين ۾ تمام گھڻي ضرورت ھئي، لائسنس برانچ کلڻ سان بدين سميت آس پاس جي ضلعن ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين علائقن جي ماڻھن کي وڏو فائدو ٿيندو ڇاڪاڻ ته ماڻھون حيدرآباد ميرپورخاص پري پري جي ضلعن ۾ ويندا ھئا، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته بدين سميت سنڌ جا گاڏيون ھلائيندڙ ماڻھون ھر حالت ۾ پاڪستان جي قانون تي عمل ڪندي پنھنجا لائيسنس ٺھرائي محب وطن ھئڻ جو ثبوت ڏين، جيئن ٿيندڙ حادثن کي روڪي سگھجي، هڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته اي چالان سڄي سنڌ لاءِ آھي، جيئن جيئن مختلف شھرن ۾ ڪيمرا لڳندا ويندا ته سڄي سنڌ ۾ اي چالان وارو سسٽم لاڳو ٿي ويندو، سڄي سنڌ ۾ ھلندڙ منشيات واري سوال جي جي جواب ۾ ھن چيو ته سنڌ پوليس سڄي سنڌ ۾ ڦرن، ڌاڙن گاڏين جي ڦرن جي ڏوھارين ۽ اي ڪيٽگري جي منشيات فروشن جون لسٽون جوڙي سڄي سنڌ ۾ ڪاروائي ڪري 80 سيڪڙو ڏوھارين کي گرفتار ڪري جيل موڪليو آھي. هن بدين واسي نوجوان رمضان کوسو کي ڏيپلو پوليس پاران گوليون ھڻي قتل ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ چيو ته  بدين ضلع جي نوجوان رمضان کوسي واري معاملي تي ڊي آئي جي ميرپور خاص کي ھدايتون جاري ڪيون آھن، جيڪو  اڻ ڌري جانچ ڪري رھيو آھي قاتل ڪير به ھوندو  ڪارروائي ڪنداسين. ڇو ته ھڪ خراب پوليس واري جي ڪري سڄي پوليس تي آڱريون کڄن ٿيون، سنڌ ۾ صحافين جي قتل ٿيڻ واري سوال تي آءِ جي سنڌ چيو ته سڄي سنڌ ۾ قتل ٿيندڙ صحافين جي قاتلن کي ھر صورت ۾ گرفتار ڪري جيل موڪلينداسين، ھن چيو ته  ڏوھن کي روڪرائڻ لاءِ شھري سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائين جيئن لڳل چوڪيدار ڪيمرائن جي آڌار تي ڏوھارين کي گرفتار ڪري سگھي ٿو.