اي چالان فوري ختم ڪرڻ جي اپيل رد: ڪيس هلائي فيصلو ڪنداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

اي چالان فوري ختم ڪرڻ جي اپيل رد: ڪيس هلائي فيصلو ڪنداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران اي چالان فوري طور روڪڻ واري زباني استدعا رد ڪئي وئي، جسٽس عدنان اقبال چوڌري چيو ته  اسان فوري طور تي منع نامي جو حڪم جاري نٿا ڪري سگهون، ڌرين جو جواب اچڻ ڏيو پو۽ ڪيس هلائي ڪري فيصلو ڪنداسين، اي چالان خلاف جماعت اسلامي، مرڪزي مسلم ليگ، وڪيل راشد رضوي ۽ ٻين پاران داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي، درخواستگذار پاران اي چالان تي حڪم امتناع جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت اي چالان فوري روڪڻ واري زباني استدعا رد ڪري ڇڏي، وڪيل راشد رضوي چيو ته ڪراچي سان امتيازي ورتاء ٿي رهيو آهي، سڀ کان وڌيڪ چالان ڪراچي مان وصول ڪيا پيا وڃن، عدالت چيو ته ڪراچي جي صورتحال مختلف آهي، ٻين شهرن سان ڪيئن ٿي ڀيٽ ڪري سگهجي? ٻڌڻي دوران ٽريفڪ پوليس، گهرو کاتي ۽ ٻين پاران جواب جمع ڪرائڻ لا۽ مهلت طلب ڪئي وئي، جنهن بعد عدالت درخواستگذارن کي درخواست جي نقل ڪاپي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، آ۽ جي سنڌ ۽ ڊي آ۽ جي ٽريفڪ کي ڌر بڻايو ويو آهي، ڊي جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ ڊي جي نادرا کي به ڌر ڪيو ويو آهي، درخواستگذارن چيو ته ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙيءَ تي لاڳو ڪيل ڏنڍ انتهائي وڌيڪ ۽ غير منصفاڻا آهن، ملڪ جي ٻين شهرن ۾ خلاف ورزي تي 200 رپيا آهن، ڪراچي ۾ وري 5 هزار ڏنڍ رکيو ويو آهي، سنڌ حڪومت جولائي 2025 کان ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ ۾ پگهار 40 هزار مقرر ڪئي آهي، ان پگهار ۾ ته گهر جا خرچ به پورا نٿا ڪري سگهجن، لاڳو ڪيل ڏنڍ واري عمل کي فوري طور معطل ڪيو وڃي.