| اي چالان نامنظور: جماعتي يوٿ ونگ پاران سائيڪل ريس |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اي چالان خلاف جماعت اسلامي جي يوٿ ونگ پاران لياري جي چيل چوڪ کان ملير هالٽ تائين سائيڪل ريس ڪرائي وئي، جنهن کي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خطاب ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ ڳرا اي چالان ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ 40 لک موٽر سائيڪلون روزانو هلن ٿيون، موٽر سائيڪل سوارن کي هزارين رپين جا چالان ڏنا پيا وڃن، جيڪي غريب عوام لاءِ وڏو بار آهن، حڪومت کي فوري طور اي چالان نظام تي نظرثاني ڪرڻي پوندي هن چيو ته لياري سميت ڪراچي ۾ اسپورٽس سان دلچسپي رکندڙ نوجوان موجود آهن پر انهن لاءِ ڪا به سهولت ناهي، ميدان ويران ٿي چڪا آهن راندين کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي.هن چيو ته ڪراچي کي پنج بسون نه پر گهٽ ۾ گهٽ 15 هزار بسون گهرجن،