اي چالان: ٽريفڪ پوليس ۾ بدلين تي پابندي لاڳو

اي چالان: ٽريفڪ پوليس ۾ بدلين تي پابندي لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ ٽريفڪ پوليس ۾ بدلين تي پابندي لڳائي ڇڏي، جاري ڪيل حڪم نامي موجب ٽريفڪ پوليس مان ٻين يونٽن ۽ ضلعن ۾ بدلين تي ايندڙ حڪم تائين پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته ڪراچي ۾ اي چالان سسٽم نافذ ٿيڻ بعد ٽريفڪ پوليس مان اهلڪار ۽ آفيسر بدلين جون درخواستون ڏيڻ لڳا هئا.