| اي چالان کان پوءِ اي ٽرانسفرسسٽم: تعليم کاتي ۾ هاڻي بدليون مقرريون آن لائن نظام تحت ٿينديون |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي ۾ استادن ۽ ٻين ملازمن جي بدلين ۽ مقررين وارو نظام تبديل ٿي ويو آهي، بدلين ۽ مقررين لاءِ اِي ٽرانسفر سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ نئون بدلين وارو نظام اڄ کان فعال ٿي ويندو. استادن ۽ کاتي جي ٻين ملازمن پاران بدلين ۽ مقررين لاءِ آن لائين درخواستون جمع ڪرايون وينديون، آن لائين جمع ٿيندڙ درخواستن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد تعليم کاتي جي لاڳاپيل اختيارين پاران سموري معاملي بابت درخواستگذارن کي آن لائين آگاهه ڪيو ويندو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته تعليم کاتي جي اختيارين پاران کاتي ۾ بدلين ۽ مقررين واري سموري نظام کي تبديل ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي جي اختيارين پاران سنڌ ڪابينا جي حتمي منظوري کان پوءِ کاتي اندر استادن توڙي ٻين ملازمن جي بدلين ۽ مقررين واري عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ اِي ٽرانسفر سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي. جيڪو اڄ يعني 15 جنوري کان مڪمل طور تي فعال ٿي ويندو. اِي ٽرانسفر تحت استاد ۽ ٻيا ملازم هاڻي پنهنجي بدلي يا مقرري لاءِ گھر ويٺي آن لائين درخواست جمع ڪرائڻ بعد گھر ويٺي اسٽيٽس به معلوم ڪري سگھندا. ان حوالي سان تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھ چيو آهي ته تعليم کاتي اندر سمورن استادن ۽ ٻين ملازمن جي بدلين ۽ مقررين واري عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ اِي ٽرانسفر سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڊجيٽلائيز نظام کي مرحليوار وڌايو ويندو. صوبائي وزير چيو ته ان قدم سان وقت جي بچت، خرچن ۾ گهٽتائي ۽ غير ضروري انتظامي رڪاوٽن جي خاتمي ۾ نمايان مدد ملندي۔ تعليم جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان انتظامي معاملا وڌيڪ بهتر ۽ شفاف ٿيندا، انساني وسيلن تي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو.
| پهرين مرحلي ۾ رڳو استاد اِي ٽرانسفر واري عمل ۾ شامل |
ڪراچي: پهرين مرحلي ۾ رڳو استادن کي اِي ٽرانسفر واري عمل ۾ شامل ڪيو ويندو، جلد ٻئي مرحلي ۾ تعليم کاتي جي ٻين ملازمن کي به اِيٽرانسفر واري سسٽم ۾ شامل ڪيو ويندو. ان حوالي سان تعليم کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اِي ٽرانسفر سسٽم پهرين مرحلي ۾ تعليم کاتي ۾ موجود هڪ لک 33 هزار 547 پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز کان ڪيو ويندو، ڄاڻ موجب ته هن وقت تعليم کاتي ۾ هڪ لک 5 هزار 258 پرائمري اسڪول ٽيچر ۽ 28 هزار 289 جونيئر اسڪول ٽيچر آهن.
بدلين مقررين جو روايتي نظام ختم ٿيڻ سان ٽي اي اوز ۽ ڊي اي اوز جي مداخلت ختم
ڪراچي: روائتي بدلين ۽ مقررين وارو نظام ختم ٿيڻ بعد ٽي اِي اوز ۽ ڊي اِي اوز جي مداخلت ختم ٿي ويندي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته تعليم کاتي ۾ بدلين ۽ مقررين واري نظام ۾ اِي ٽرانسفر سسٽم لاڳو ڪرڻ کان پوءِ استادن يا ٻين ملازمن جي بدلين ۽ مقررين ۾ لاڳاپيل تعلقن جي ايجوڪيشن آفيسرن توڙي لاڳاپيل ضلعن جي ايجوڪيشن آفيسرن جي مداخلت مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي.