| اي-چالان کي 30ڏينهن مڪمل: 93000 گاڏي مالڪن تي 70 ڪروڙن کان وڌيڪ ڏنڊ |
ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي )ڪراچي ۾ اي-چالان لاڳو ٿيڻ کي 30 ڏينهن مڪمل ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي 93,000 کان وڌيڪ چالان جاري ٿيا،ٽريفڪ پوليس موجب ڪار ۾ سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تان ڪيميرا جي مدد سان سڀ کان وڌيڪ 57,541 چالان جاري ڪيا ويا، جڏهن ته موٽر سائيڪل تي هيلمٽ نه پائڻ تان 22,227 چالان جاري ٿيا، ڊمپرن، ٽرالرن ۽ واٽر ٽينڪرن ۾ لڳل ٽريڪرز جي مدد سان تيز رفتاري تي 1,188 چالان جاري ڪيا ويا، تيز رفتاري تي ٻين گاڏين جي چالان جو تعداد 2,699 آهي. ٽريفڪ سگنلن جي خلاف ورزي تي 3,102 چالان جاري ڪيا ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فينسي نمبر پليٽون لڳائڻ تي 1,278 ۽ رنگين شيشن تي 1178 چالان جاري ڪيا ويا، اسٽاپ لائين جي خلاف ورزي تي 611 ۽ غلط طريقي سان ڊرائيونگ ڪرڻ تي 426 چالان جاري ٿيا ٽريفڪ پوليس موجب سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي 57 ڪروڙ 54 لک، 10 هزار رپيا ۽ هيلمٽ نه پائڻ تي موٽرسائيڪل سوارن تي 11 ڪروڙ 11 لک 35 هزار ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته رنگين شيشن وارين گاڏين تي 2 ڪروڙ 94 لک، 50 هزار جو ڏنڊ وڌو ويو.
| ڪراچي جا 89 مان رڳو 69 سگنل فعال: 400 جي سفارش |
ڪراچي: ڪراچي جا 89 مان رڳو 69 ٽرئفڪ سگنل فعال، اي-چالان لاءِ مشڪلاتون، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه موجب ڪراچي ۾ 89 مان رڳو 69 ٽريفڪ سگنل ڪم ڪري رهيا آهن ، جيڪڏهن اسان ممبئي تي نظر وجهون ٿا ته اتي 569 سنگل ايل اي ڊي لائيٽن سان ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته نئين دهلي ۾ 2160 ٽريفڪ سگنل ڪم ڪري رهيا آهن. ڊي آءِ جي ٽريفڪ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڪثر سگنلن جي غير فعال هجڻ ڪري اي-چالان سسٽم ۾ مشڪلاتون آهن، شهر کي 1.2 ارب رپين جي ماليت جا 400 جديد سگنل گهرجن. پير محمد شاهه چيو ته نئين منصوبي هيٺ شهر ۾400 آٽوميٽڪ سگنل نصب ڪيا ويندا.
ڪراچي ۾ پرتشدد ڏوهن ۾ 55 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي: جاويد اوڍو
ڪراچي: ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو دعويٰ ڪئي آهي ته شهر ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ پرتشدد ڏوهن ۾ 55 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. نارٿ ناظم آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪر اچي جي اٺين پوليس اسٽيشن ۾ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، شهر ۾ نمبر پليٽ جي سڃاڻپ ڪندڙ ڪيمرائون پڻ لڳل شامل آهن، اهي ڪيميرائون مستقبل ۾ سيف سٽي سان ڳنڍيل هونديون،