| اي ڊي خواجا دور ۾ ڪراچي پوليس ۾ ٿيل ڀرتين جي جاچ شروع |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي آءِ جي اي ڊي خواجا دور ۾ ڪراچي پوليس ۾ ٿيل ڀرتين جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ پرويز چانڊيو طرفان حڪمنامو جاري ڪيو ويو، جنهن موجب 2016 کان 2018 تائين ڪراچي پوليس ۾ ٿيل ڀرتين جو جائزو ورتو ويو، انهي دوران ڪجهه افغانين ۽ ڪراچي کانسواءِ ٻين ضلعن جي اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ جون شاهديون مليون آهن، انهن جا ڊوميسائيل جعلي لڳن ٿا، سندن سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل پتو ڪراچي جو لکيل آهي، ان حوالي سان ڪاميٽي جوڙي وڃي، گڏوگڏ اي ڊي سي ڪراچي کي هدايت ڪئي وڃي ته اهو جاچ ڪري هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪري