اي ڌرتيءَ جي ڌيءَ، اسان شرمنده آهيون!

آگسٽ 18, 2023

 هُوءَ به پنهنجي دنيا جي هڪڙي ‘فاطمه’ هئي، جنهن جي عمر ته اڃا گُڏين ۽ رانديڪن سان کيڏڻ جي هئي ۽ وڏي ۽ سچي ڳالهه ته هُوءَ اڃا جيڪا پاڻ هڪ لاڏلي ۽ پياري گُڏيءَ مثل هئي، جنهن جا معصوم هٿ اڃا پوري طرح مٽيءَ سان کيڏي به نه سگهيا هئا. هُوءَ اڃا تائين مٽيءَ مان رانديڪا ۽ گُڏيون ٺاهي، انهن کي سُڪائي ۽ سينگاري ساهه سان سانڍي نه سگهي هئي ۽ هن کي اڃا ڪيترين گُڏين کي هار سينگار ڪري، گيچ ڳائي خوشيون ملهائڻيون هيون. پاڻ جيترين ڪيترين ئي فاطمائن سان گڏ کيڏڻو هو. ماءُ پيءُ ۽ ٻين ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجائپ مان ناز نخرا ڪرڻا هئا، پنهنجين سهيلين ۽ مِٽن مائٽن سان خوشيون ۽ ڏک گڏ ونڊڻا هئا. ڪچهريون ڪرڻيون هيون. دل کولي ٽهڪ ڏيڻا هئا، دل ۽ دنيا جون ڳالهيون ڪرڻيون هيون. پنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ پاڻ جيڏي ڀيڻ سان ڪي راز و نياز ڪرڻا هئا. اڃا ته ٻاروتڻي وهي هئي. اڃا ته هن جي ٻولي ٻاتڙي هئي. هن جا معصوم خواب، خواهشون ۽ اميدون اسرڻ، نسرڻ ۽ وڌي جوان ٿيڻ کان اڳ هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويون. هُوءَ جيڪا هن ڌرتيءَ جي جوان ڌيءَ ٿي ان جا ڪي حق ادا ڪري ها، تنهن کان اڳ هن سان ناحق ٿي ويو. هڪ اهڙو ناحق، جنهن جي دانهن لاءِ هُو هاڻي ڪنهن جي در تي پهچڻ کان گهڻو گهڻو پري هلي وئي آهي. هن جون آهون، دانهون، ڪوڪون، ايلاز ۽ منٿون هن سان گڏ هميشه هميشه لاءِ هليون ويون آهن. هن جي خوابن ۽ حسرتن جو قتل ٿي ويو. هن لاءِ هي دنيا جيڪا جنت بڻجي پئي سگهي پر اها هن لاءِ دوزخ بڻجي وئي. هيءَ دنيا، جنهن ۾ هن کي اڃا زندگيءَ جو وڏو سفر ڪرڻو هو، سا پنهنجي پهرين ۽ شروعاتي وکن ۽ قدمن کڻڻ سان ئي ڪسجي وئي.

هن جي قتل جو ذميوار هي رياستي نظام آهي يا هي عوام ۽ انسان دشمن سنڌي سماج. ان ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته سنڌي سماج کي گذريل سوَن سالن کان ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ سردارن جي روپ ۾ هڪڙيون اهڙيون اڏوهيون لڳل آهن، جيڪي ان کي اندران ئي اندران کائي رهيون آهن ۽ ان جي علمي، فڪري، سائنسي ۽ سياسي ترقيءَ ۾ وڏيون ۽ تاريخي رڪاوٽون آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي سماج ون يونٽ کان ويندي ايم آر ڊي جهڙين شاندار ۽ تاريخي سياسي جدجهدون ڪرڻ کانپوءِ به وڏي حد تائين ان قسم جي غلاميءَ مان پنهنجا پلئه آجا نه ڪرائي سگهيو آهي. صدين کان وٺي سنڌي سماج جو ان حالت ۾ رهڻ ڪو اتفاقي عمل يا حادثو ناهي، پر جيڪڏهن ٿورو غور ۽ ويچار ڪري ڏسبو ۽ علمي ۽ فڪري طرح ان جو تنقيدي جائزو وٺبو ته ان عوام دشمن عمل جي پويان هڪڙي وڏي نظر نه ايندڙ پلاننگ محسوس ٿيندي. هڪڙي پاسي ته کڻي ٿيا عام سنڌي ماڻهو، جن جي اڪثريت ٻهراڙين ۾ رهي ٿي ۽ اهي گهڻي قدر زراعت سان وابستا آهن ۽ ڪيترن ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ سردارن جا هاري ناري آهن، سڌي يا اڻ سڌي طرح انهن سان لهه وچڙ ۾ آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان انهن جا ڪم ڪار پون ٿا، پر ٻئي پاسي اسان ڏسنداسين ته اسان کي اهڙا مڙس ملندا، جن جي بظاهر سوچن ۽ دماغن کي ڪي به تالا ۽ ڪوڙڪيون لڳل نظر نه اينديون. مڙس ميڪ اپ ڪريو، سهڻا ٿيو پيا هلندا. هلت چلت وڻندڙ، گفتگو متاثر ڪندڙ. اسان وٽ جيڪي نام نهاد اعليٰ تعليمي ادارا آهن، انهن جا پڙهيل ۽ پوزيشن هولڊر ۽ انهن مان ڪيترا وري دنيا جي مختلف ملڪن مان پي ايڇ ڊيز ڪري آيل هوندا يا ٻي ڪا اهڙي ڊگري وغيره رکندڙ هوندا ۽ ان سان گڏ اسان جي مادري علمي يا ٻئي ڪنهن اداري ۾ اعليٰ عهدن تي براجمان هوندا، پر جڏهن انهن جي دل ۽ دماغ کي ٿورو جهٽڪو ڏبو، ٿوري هٿ کؤنس ڪبي، ان کي هٿ لائبو، ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪبي، ٿوري وٺ ڪري ڊيگهه ڪبي ته انهن جي اندر مان اهو پهلوان وڏن داٻن ۽ دهمانن سان نڪري نروار ٿي ايندو. ڏسندڙ ۽ ڳالهائيندڙ پريشان ۽ اچرج ۾ وٺجي ويندو ته هي اهو ئي شخص آهي، جيڪو گهڙي سوا پهرين وڏو سمجهدار، سياڻو، بردبار ۽ پڙهيل لکيل لڳو پئي ۽ هاڻي صفا آپي مان ٻاهر نظر پيو اچي، مڙس جو رنگ ئي بدلجي ويو آهي، صفا ڏڪي پيو، ڳاڙهو پِيلو نظر ايندو ۽ اهڙي طرح پنهنجي علائقي يا لاڳاپيل مير، پير، سردار ۽ وڏيري جي ريت تعريف ۽ سندس شان ۾ قصيدا چوندو جو ٻڌندڙ جا ٺپ ٺرڻ شروع ٿي ويندا. ڪير وسهندو ته جنهن جي تعريف ڪئي پئي وڃي، اهو ‘فرشتو’ ڪهڙي طرح هڪڙي شيطان کان گهٽ آهي! ڏسندڙ اکين ۽ ٻڌندڙ ڪنن کي اعتبار نه ايندو ته آئون ڇا ٻڌي ۽ ڏسي رهيو آهيان. چوندا: “اڙي تون ڪير ٿيندو آهين اسان جي مير، پير، وڏيري ۽ سردار جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ؟! تو جهڙا سوين هزارين هن جا نوڪر ۽ مريد آهن، انهن کي رب عزت ڏني آهي، تون دربدر آهين، تنهنجي ڪير ٿو ٻڌي! اسان جي مير، پير، سردار ۽ وڏيري جي فلاڻي فلاڻي وٽ رڳو فون وڃي، زمين ٽامو ۽ آسمان ۾ باهه جا شعلا ٻري ويندا. ڪنهن به اعليٰ کان اعليٰ سرڪاري عملدار کي طاقت ناهي جو اسان جي ‘صاحب’، مرشد، مير، پير، وڏيري ۽ سردار جي حڪم کي پٺ ڏئي يا انڪار ڪري. اهي سڀ شيون انهن کي وڏن کان ورثي ۾ مليون آهن. سوين هزارين غريب پيا انهن جي در تي ٽڪر کائين ۽ دعائون پيا ڏين. اسان انهن کي ڇا ٿا ڏيون؟ اسان ڪجهه ڏيڻ جي ڪهڙي حيثيت رکون ٿا؟ اسان پنهنجا سڀ ٻچا به قربان ڪري ڇڏيون، تڏهن به اسان انهن جو هڪ ٿورو لاهي نه سگهون.” شايد اهڙي ئي قسم جي گفتگو ٻڌي سنڌ ڌرتي جي هڪڙي وڏي عالم ۽ سماجي نفسيات جي وڏي ڏاهي رسول بخش پليجي چيو هو ته، “هي اسان جا بزرگ گفتي جا بئريسٽر آهن، هڪڙي ئي گفتي سان اسان جي انتهائي تاريخي، حقيقي ۽ مدلل ڳالهه ڊهي پٽ ٿي ويندي”.

هڪڙي پاسي مٿي ذڪر ڪيل انتهائي ڪڙيون ۽ عوام ۽ انسان دشمن سماجي حقيقتون آهن ته وري ٻئي پاسي جيڪا رياستي مشينري آهي، اها ڄڻ ته انهن ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ سردارن جي ڪمدار بڻيل آهي. پوليس ٿاڻن کان ويندي صحت، تعليم، روينيو کاتي تائين، مطلب ته ڪو اهڙو سرڪاري کاتو ناهي، جتي انهن ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ سردارن جو اثر رسوخ نه هجي. هيءَ رياست، جنهن جو سڄو ڪار وهنوار عوام جي ٽيڪس تي هلي ٿو، جيڪي سڀ سهولتون ۽ عياشيون عوام جي پئسن تي ڪن ٿا. جن جي گاڏين ۾ پيٽرول، جن جي گهرن جي چلهه، جن جا ٻار جيڪا تعليم حاصل ڪن ٿا، جن جي زندگي جو سڄو وهنوار عوام جي ٽيڪس جي پئسن تي هلي ٿو، پر اسان انهن مان اڪثريت اهڙن آفيسرن ۽ عملدارن جي ڏسنداسين، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مير، پير، سردار ۽ وڏيري جي ونگار وهندي ان جي ڪمداري ڪندي نظر ايندا. جيڪڏهن پوري رياستي مشينري غيرجانبداري سان ڪم ڪري ۽ آئين ۽ قانون مطابق پنهنجا فرض بجا آڻي ته ڪهڙي مير، پير، وڏيري ۽ سردار کي طاقت ٿيندي جو ڪنهن سان ناانصافي ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر ان جو سوچي به سگهي! گذريل 76 سالن ۾ رڳو سنڌ ۾ انهن ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ سردارن جي اوطاقن، حويلين، زمينن ۽ جاگيرن تي سوين هزارين معصوم فاطمائون، ڳڀرو جوان، بزرگ، مايون ۽ نياڻيون قتل ڪيون ويون آهن، ڪنهن به هڪ جي قتل ۾ ڪنهن مير، پير، وڏيري ۽ سردار کي آئين ۽ قانون مطابق ڪا مثالي سزا ملي آهي؟ انهن مان ڪنهن هڪ کي عبرت جو مثال بڻايو ويو آهي؟ انهن مان ڪنهن هڪ کي نڪ ۾ ناڪيلي وڌي وئي آهي؟ جيڪڏهن انهن مان ڪنهن هڪ ٻن کي صرف عبرت جو مثال بڻايو وڃي ها ته اڄ اسان جون سوين فاطمائون ائين غيرانساني ۽ انتهائي وحشياڻي انداز سان ماريون نه وڃن ها ۽ اسان جا سوين نوجوان ۽ نياڻيون ائين انهن بگهڙن جو آسانيءَ سان شڪار نه ٿي سگهن ها. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي، جو هتي رياست پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ساڳئي وقت وري اها انهن عوام دشمنن جو هٿيار بڻجي عوام کي وڌيڪ عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪريو ويٺي آهي! جڏهن اتي اسان فاطمائن جهڙين نياڻين سان قهر ٿيندي ڏسون ٿا، تڏهن هر هڪ باضمير انسان جي اندر مان اهو آواز هڪ آهه جي صورت ۾ نڪري نروار ٿيندو آهي ته پوءِ حبيب جالب جا لفظ هن احساساتي نموني سنڌي ويس ڍڪي سامهون نروار ٿي ايندا آهن:

هي ديس آ انڌن ماڻهن جو،

اي چنڊ هتي نڪرين ڇو ٿو؟!

Leave A Comment