شاعريءَ جي دنيا ايڏي ته وسيع ۽ وشال آهي، جيتري هن بي ڪنار ڪائنات جون حدون آهن، جنهن جي ٻي ڪناري جي خبر اڃان تائين نه پئجي سگھي آهي، ايئن ئي شاعريءَ جي به هڪڙي ڪائنات هوندي آهي، جنھن جي حدن جي انتَ بحرَ جي ڪائي خبر ناهي. قدرت جي ٺاهيل هن ڪائنات ۾ جيتريون به سونھن جون ڌارائون آهن، انهن جي حدن کي ماپي نه ٿو سگهجي. اهڙي نموني شاعر جي خيالن ۾ به ڪي ئي انت بحر جون حَسين ڪائناتون وسرام ڪن ٿيون، جن جي پري پاند جو ڪو به پتو ڪونھي پر شاعر جي ذهن ۽ قلم گڏجي ڪي اهڙا نظمَ به سرجيا آهن، جيڪي ڪيترن ئي حسين ۽ خوبصورت آبشارن جو سنگم آهن. اهڙن ئي حسين نثري نظمن جو خالق اسان جو دوست حبيب ساجد به آهي. حبيب جي طلسماتي زندگي ڪنھن سڪل ٺوٺ پھاڙ ۾ ڦٽل رنگ برنگي ٽڙيل گلن وانگر رهي آهي. هن کي زندگيءَ جي ٽرين جنھن پاسي به موڙيو، هُو هليو ويو، سندس زندگيءَ جي ريل بغير ڪنھن اسٽيشن جي مسلسل هلندي رهي ۽ وڃي اتي بريڪ ڏيئي بيٺي، جتي انجليءَ جي خوشبوءَ جي واسَ سندس حواسن کي ڇھيو هو. انھن حسين لمحن جي منظرن کي جڏهن حبيب ساجد جي نيڻن پسيو ته سندس قلم انھن منظرن کي هيئين قيد ڪيو آهي:
منھنجي نيڻن ۾
هڪ سندر ڇوڪري رهندي آهي
ڇوڪري، جنھن جا خواب
سورهين سالگرهه جي رات
زخمي ٿي پيا هئا
۽ هوءَ ڄاڻڻ چاهيندي آهي
ته ساڀيان جي خوبصورت موڙ تي،
ايڏو درد ڇو آهي؟
۽ آئون کيس چمي ٻڌائيندو آهيان
ته اهو سور
هڪ نئين تخليق جو مھاڳ آهي..
شاعري سمورن لطيف صنفن کان مٿانهين درجي جي حيثيت رکي ٿي. ڇا ڪاڻ جو هي اهي لفظ آهن، جيڪي اندر جي ڪيفيتن جي ترجماني ڪن ٿا. ڪيفيتون، جن جي ڪائي به وزيبل تصوير اسان ٺاهي نه ٿا سگهون پر انھن جذبن ۽ احساسن کي لفظن جو روپ ڏيئي اثرائتي نموني سان بيان ڪري سگهون ٿا. بيان جي اهڙي قوت هر ڪنھن انسان جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي، جيئن عاشقي ڪرڻ هر ڪنھن انسان جي وس ۾ ناهي هوندو، جيئن سمنڊ جي ڇولين کي اسان ڪناري سان ٽڪرائڻ کان روڪي نه ٿا سگهون، جيئن چنڊ ، سج ۽ ستارن جي روشنيءَ کي پاڻ قيد ڪري نه ٿا سگهون. ايئن ئي شاعري جي ڪيفيتن، جذبن ۽ احساسن کي روڪي نه ٿو سگهجي. مصور بت تراشي سگهي ٿو، مگر ان ۾ ساهه نه ٿو وجھي سگهي، موسيقار موسيقي ترتيب ڏيئي سگهي ٿو پرشاعريءَ ڳائڻ بنا سندس موسيقي ڪنھن به ڪم جي ناهي هوندي.. ايئن ئي حبيب وانگر هر ڪو پنھنجي محبوبه جي مورتي من ۾ جوڙي ان کي پوڄي نه ٿو سگهي.
چانڊوڪيءَ مھل،
ڪڏهن به،
پنھنجي محبوبه جي بدن کي چمڻ نه گهرجي،
۽ محبوبه جي ڇاتين کي ڪڏهن به ڇيڙڻ نه گهرجي
۽ نه ئي انھن کي ڪڏهن به هماليه پھاڙ سان ڀيٽ ڏيڻ گهرجي،
محبوبه جو سانورو بدن
چنڊ کي جلائي سگهي ٿو
۽ محبوبه جون ڇاتيون
پھاڙ جا پرزا پرزا ڪري سگهن ٿيون.
فطرتي حسن سان اسان جي شاعرن ڪيتريون ئي چلولايون ڪيون آهن، ڪڏهن چنڊ جي روشنيءَ کي محبوبه جي سونھن کان گهٽ ڀائڻ ته ڪڏهن چنڊ کي هن قسم جون ميارون ڏيڻ:
چنڊ! چوانءِ سچ جي مٺو نه ڀائين،
ڪڏهين اڀرين ٿورڙو، ڪڏهين اڀرين ڳچ،
جي منھن ۾ ٻريئي مچ، سو ته پدم پريان جي پير ۾.
(شاهه)
يا
چنڊ تنھنجي ذات، پاڙيان نه پرينءَ سين
تون اچو مَنجهه رات، سڄڻ نت سوجهرو.
اها ئي ڪيفيت حبيب جي مٿين نظم ۾ به بيان ٿيل آهي، هڪڙي سائنسي فِنامِنا آهي ته سمنڊ جون لهرون چوڏهينءَ جي رات تي مستيءَ واري ڪيفيت ۾ اچي وينديون آهن ۽ پنھنجي معمول کان وڌيڪ سندس جوش ۾ اچي اڀامڻ لڳنديون آهن. تڏهن ته حبيب پڻ اهائي ڳالهه ڇوي ٿو ته… چاونڊوڪيءَ مھل محبوب جي بدن کي ڪڏهن به نه چمڻ گهرجي!
۽ هن جي ڇاتين کي نه ڇيڙڻ گهرجي!
ان وقت مستيءَ واري ڪيفيت پھاڙ کي به پرزا پرزا ڪري سگهي ٿي. سندس بدن جي روشني چنڊ کي به ساڙي سگهي ٿي.
اهڙيون سٽون عاشق شاعر ئي سرجي سگهي ٿو، ٻي ڪنھن جي وس جي ڳالهه ئي ناهي، ڇا ڪاڻ جو عاشق ان وقت محبوب جي انھيءَ منظر اڳيان بيٺو هوندو آهي. باقي کوڙ ساترا انوکن خيالن وارا نثري نظم جا مھان شاعر اوهان کي جام ملي ويندا، جن ڪڏهن اهڙن منظرن کي ڏٺو ۽ چھيو به هوندو، پر خالي خيالي پلاءُ پڄائي پاڻ کي نثري نظم جا بادشاهه شاعر سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. اهي حبيب جھڙي يگاني عاشق جي دزَ مٽ به ناهن ۽ نه ئي خيالن جي پرواز اهڙي اٿن …. بس اردو شاعريءَ کان مٽاثر ٿي ڪجهه نظم ڪاپي ڪري پاڻ هورتڙو وڏا شاعر بڻجي ويا آهن. حبيب ساجد جي شاعريءَ جي مجموعي “انجلي” ۾ ڪيترائي اهڙا شاهڪار نظم موجود آهن، جن ۾ سونھن کي سجدا، سونھن جو نوڪر، سونھن جو ٻانھون ٿي سندس اڳيان عاجزيءَ ۾ بيھڻ جھڙا منظر موجود آهن. هونئن به شاعري لفظن جي منظر نگاري آهي. اهو ڏانءُ هر ڪنھن وٽ ڪونھي. حبيب پنھنجي ٽھيءَ جو خوبصورت ڪوي آهي، جيڪو لفظن جي حرمت کي به سمجھي ٿو ته هن وٽ پيشڪش جو گُر به آهي.
هن نظم ۾ ڏسو ته ڪيترو نه ڪمال ڪيو اٿائين:
ها سانئڻ!
منھنجا سمورا سپنا ۽ خواب، تنھنجي نانءُ ٿيل آهن،
مگر، تنھنجو ڪو به خواب، منھنجي نانءُ ناهي ٿيل
جڏهن به منھنجي خوابن جي هٿن مان،
تنھنجي بدن جي ريشمي ڏور ڇڏائجي ويندي آهي،
تڏهن منھنجا نيڻ
وهاڻي جي هنج ۾
سڄي رات روئندا رهندا آهن.
بدن جي ريشم جي ڏور، وهاڻي جو هنج، اهي اهي منظر آهن جيڪي اڄ تائين ڪنھن نه سرجيا آهن. اهو ڪمال به حبيب ساجد جي حصي ۾ آيو آهي. اهڙا ڪيترائي جيئرا جاڳندا منظر سندس نثري نظم جي هن ڪتاب انجلي ۾ موجود آهن. جي سچ پڇو ته منهنجي لاء هي ڪتاب رابندر ناٿ ٽئگور جي ڪتاب گيتانجليءَ جون سڪون لاهي ٿو.