اَڱڻَ عجيبَن جا …..

پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏَهِن تَڏهن پِرينءَ کي،

ڏورِينديُون ڏِسَن، اَڱڻَ عجيبَن جا.

(7-1، حسيني)

                 همت، عزم ۽ ڪوشش ڪرڻ واري، شاهه صاحب جي هن بيت موجب، باعمل ۽ اڻ ورچ انسان، لاڳيتين ڪوششن سان نيٺ ته منزل مقصود حاصل ڪري ٿو.

                 شاهه ڀٽائي هڪ بي مثل شاعر هئڻ سان گڏ، هڪ ڪامل ۽ ڏاهو انسان هو. سندس ڪلام ۾ صاف ۽ سڌن لفظن ۾، ته گڏ تمثيلن ۽ علامتن جي اوٽ ۾، انساني زندگيءَ جي هر رخ جي مڪمل عڪاسي آهي. عملي زندگي ئي انساني حياتيءَ جو بنيادي حصو آهي. عمل کانسواءِ هن حياتي جي ڪا به وقعت ڪونهي.

                 سسئيءَ جي تمثيل کي پنجن سرن ۾ لاڳيتو بيان ڪندي، پاڻ ڪٿي کيس ساراهي ٿو، ته ڪٿي کيس ۽ فهمائشون ٿو ڪري ته ڪڏهن کيس همٿائيندي، لازوال مڃتا ٿو ڏئي.

                 پڇن سي پسن  مان سندن مراد آهي ته جستجو، ڳولها ۽ اڻ ورچ محنت ۽  پسڻ  جو درجو آهي. اها حاصلات، عجيبن جي اڱڻ تي اهي ئي پهچنديون، جن جو  ڏورڻ  جو عمل هڪ ئي نقطي يعني  پرين پسڻ  جي چوطرف گهمندو، جڏهن سندن مقصد سچو هوندو ته واٽ پاڻيهي ملي ويندي. سسئيءَ کي ڪيترن ئي هنڌن تي اهڙيون هدايتون ڪيون اٿن جيئن: پيرين پنڌ وسار هل هينئين سين هوت ڏي. تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي،  اول ۽ آخر آ هلڻ منهنجو هوت ڏي ،  ٿڪيائي ٿر ٿيلهه چڙهه چڪيائي چوٽئين،  ويٺي ور نه پون ستي نه ملن سپرين ،  ستي نه سرندياءِ ڪر پچار پرينءَ جي ، پير پٽائي ڪونئرا، ڏونگر مٿي ڏي ،  ڏورڻ منجهان ڏس پونديئه هوت جو  ۽ ٻيا ڪيترائي بيت هن ڏس ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا.

شاهه ڀٽائي فقط سمجهاڻيون نٿو ڏي ۽ نه ئي هو سخت ناصح وارو رويو اختيار ٿو ڪري، کانپوءِ مليل مانَ، شانَ ۽ حاصلات کي املهه ڪري ٿو ڄاڻائي. جڏهن مادي حياتيءَ جون هدايتون ٿو ڏئي، تڏهن روحاني ۽ ابدي سڪون جا يقين به ٿو ڏياري. فرمائي ٿو ته: ثمر جن نه ساڻ هوت حمايتي تن جو،  ڏوريندن کان ڏور پرين پرانهون نه ٿيئي،  جو تون ڏورئين ڏور، سو سدا آهي ساڻ تو ،  سوري آ سينگار اصل عاشقن جو ، ڏک سکن جي سونهن گهوريا ڏک سکن ريءَ،  منجهي هوند مياس پر سورن کڻي سونهون ڪيو.

مطلب ته سڀني ڪوششن جو حاصل ضرور ملي ٿو. ايئن نه آهي ته ماڻهوءَ جون محنتون ضايع ٿي ٿيون وڃن. بيشڪ اسان وٽ ظاهري ذريعا نه هجن ته به نيڪ مقصدن ۽ سچاين جي لاءِ هوت حمايتي ٿي منزل تي پهچائيندو. عمل، جدوجهد ۽ قربانيءَ جون اعليٰ وصفون ئي عاشقن جي زندگي بامعنيٰ ٿيون بنائين. اڻ ورچ انسان ئي سماج جي سونهن آهن،  ڏٺو وڃي ته فقط هڪ فرد جي سستي ۽ نااهلي به سماج لاءِ سخت هاڃيڪار آهي. حياتيءَ جي هر هڪ رخ کي جانچيو وڃي ته چاهي اهو عبادت هجي يا علم سياست هجي يا سماج سڌارو، رهبري هجي يا مزوري، هر هڪ عمل سچائيءَ ۽ اخلاص سان گڏ، محنت جو محتاج آهي.

اڙانگا رستا اهي اختيار ڪندا آهن جن جي لاءِ سوري سيج ۽ مرڻ مشاهدو هجي ٿو. جن وٽ  ويجهو وڃ مَ واٽ ڪهج ڪواٽ ڏي  جو رستوئي سنئون رستو آهي. سسئيءَ جي اختيار ڪيل  ڪُواٽ  (پنهون لاءِ پنڌ) ڏکيو هوندي به سندس زندگي آهي، انهيءَ ڪري ان رستي تي ايندڙن کي به پلي ٿي ته متان منهنجي محبوب تي ڏمرڪن، سسئي جي واتان سندس اهو جذبو شاهه سائين هن ريت ٿو بيان ڪري.

سَرتِيون سُڄي سُڃَ، متان ڪا مُون سين هَلي،

پاڻي ناهِه، پَنڌُ گهڻو، اڳِيان رائو رُڳي رُڃَ

مَڇَڻُ مري اُڃ، ڪا ڏِئي پاراتو پرينءَ کي.

هن ڪائنات جي انساني ترقي يافته ڊوڙ جو سڄو عمل  پڇڻ ،  ڏورڻ  ۽  پسڻ  جي روش جي چوطرف ڦري ٿو. هيءَ سڄي ترقي انهيءَ ئي نظريي مطابق ٿي آهي. شاهه سائينءَ کي خبر هئي ته،  ويٺن تان واري ورندي آهي.   ترت تار اهي لنگهنديون جن جي اڪنڊ سچي هوندي.  معنيٰ ته اسان لاءِ اهوئي اهم آهي ته اسين مستقبل لاءِ پر اميد ۽ حال ۾ محنت ڪندڙ هجون. ڏورڻ ۽ پسڻ جي فلسفي تي غور ڪندي جستجو جاري رکون.:

جَبَل ماري جَکَ، جو آڏو آريچَنِ کي،

توڻي لَڪَن لَکَ، سڀ لنگهندِيَسِ سِڪَ سين.

اهڙو سماج ئي مهذب ۽ ترقي يافته سڏائڻ جي لائق آهي جنهن ۾ ڏکن، مفلسين ۽ جهالتن جون پاڙون پٽجي وڃن، جتي ماڻهو آزاديءَ جي نعمتن سان مالا مال هجن. جتي خودمختياريون ۽ خوشحاليون ڪَرَ کڻي اچن ۽ رستن جون رڪاوٽون بي معنيٰ ۽ بي حيثيت ٿي وڃن. جتي هر ماڻهو مقرر، چونڊيل واٽن ڏي ويندڙ هجي ۽ اُتي محنتون مرادون ماڻين.

ڪنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڻي لَکَ لَڳَن،

آڱر آڱوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ،

ويندي ڏانهن پِريَن، جتي جاتِ نه پائيان.

(3-10، معذوري)

سرتاج لطيفَ اهڙن ئي سفرن ۽ ڪشالن جي هدايت ڪئي آهي سسئيءَ کي هڪ ئي وک ۾ پنڌ ڪرڻ جي تلقين ڪندي ڄاڻائي ٿو ته ڇوهه مان ڪاهي وڃ ته سفر ساعت ۾ پورو ٿئي. اهوئي همت ۽ جرئت جو لازوال طريقو آهي.

سؤُ ڪوهَه ڪري سَڀَڪا، تُون، کُهي کَـڻج وِکَ،

تاڻِج منجهان تِکَ، ته پَنڌُ  پاسي ڀر نبري،

اڳيان سسئيءَ جي اڙانگي سفر کي هن ريت ٿو مڃتا ڏي:

کُهِي جا کَـنيائِين، وِکَ تنهين ويجهي ڪَئِي،

ڇِڪيءَ ڇِنائين، پَنڌ مِڙوئي پَٻَ جو.

انساني لاڳيتن ڪوششن کي هن دنيا ۾ ئي صلو ملي ٿو. وڏن انسانن جي  جيون چرتر  (حياتيءَ جو احوال) پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته اڻ ٿڪ محنتون ۽ رياضتون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون آهن. اسان کي هر دم دعاڳو رهڻ گهرجي ته اسان جون ڪوششون ڪامل ۽ هٺ کان پاڪ هجن. جيڪي ڌڻيءَ در اگهجن، انهيءَ لاءِ اسان کي ڀٽ ڌڻي هيءَ دعا ٿو ڄاڻائي:

جانِبَ! تُون جيڏو، اَهين شانَ شَعورَ سين،

مون تي ڪَرِ منهنجا پِرين! توهه تُسي تيڏو،

ايءَ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو، جئن نوازيم نگاهَ سين.

(2-1، سر بروو سنڌي)