| اُجالا، پريا ڪماري نه ٿي وڃي؟ گم گڏڙيءَ جي پتڪڙين سهيلين جي پُڪار، اغوا ڪيس داخل |
ميهڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميھڙ جي اياز ڪالوني جو رھواسي پرائمري استاد شمس الدين سولنگي جي 6 سالن جي نياڻي اجالا پروين سولنگي سينڌل مھيسر پرائمري اسڪول کان واپس ايندي پنھنجي چاچي جي دڪان تان پراسرار نموني گم ٿي وئي ھئي 4 ڏينھن گذرڻ باجود ناھي ملي سگھي ٻارڙي جي والد اغوا جو شڪ ڏيکاريندي ميھڙ ٿاڻي تي نامعلوم ماڻھن مٿان اغوا جو ڪيس پڻ داخل ڪرائي ڇڏيو آھي ٻارڙي جي والد وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته نياڻي کي خير خيريت سان بازياب ڪرايو وڃي ڪٿي ائين نه ٿئي جو سنڌ جي ھي ٻئي نياڻي به پريا ڪماري نه ٿي وڃي ھوڏانھن ايس ايس پي دادو پاران ٻارڙي بابت درست معلومات ڏيندڙ لاء انعام جو اعلان ۽ نينگري جي بازيابي لاء جوڙيل ٽيم جو علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو آھي ايس ايس پي دادو رٽائر ڪيپٽن صدام حسين خاصخيلي پاران معصوم نينگري اجالا پروين سولنگي بابت جاري ڪيل اشتھار ۾ ڄاڻايو آھي ته ٻارڙي بابت درست معلومات يا ٻارڙي جي ڪٿي موجودگي جي اطلاع ڏيڻ واري کي 5 لک روپيا انعام ڏنو ويندو ايس ايس پي دادو مطابق گم ٿيل ٻارڙي بابت نينگري جي والد جي فرياد تي اغوا جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آھي گمشدہ ٻارڙي بابت ڪنھن وٽ ڪو به اطلاع آھي ته اھو پوليس کي ٻڌائي ته کيس انعام ڏنو ويندو ايس ايس پي دادو پاران جوڙيل ڪاميٽي ۾ ايس ايڇ او اي سيڪشن محمد ابراھيم سومرو ،ايس ايڇ او دادو علي اڪبر چنه ، ون فاء انچارج امداد علي سھول ۽ سي آء اي پوليس سميت بائيو فينسي وٺندڙ ٽيم ميھڙ ۾ اياز ڪالوني پھچي مختلف گھرن ۽ دڪانن جو سرچ آپريشن ڪري تلاشي ورتي ۽ مختلف ھنڌن کان فگر جا سيمپل پڻ ورتا ويا آھن پوليس موجب ته نينگري جي وارثن سان پورو سھڪار آھي اسين نينگري جي ڳولا ۽ ان جي بازيابي لاء پوري ڪوشش ڪري رھيا آھيون ٻئي طرف ڳوٺ سينڌل مھيسر جي گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اينڊ لوئر سيڪنڊري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد معصوم ٻارڙي اجالا پروين سولنگي کي خير خيريت سان بازياب ڪرايو وڃي