ميھڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميھڙ جي معصوم ٻارڙي اجالا پروين سولنگي 8 ڏينھن گذرڻ باجود به بازياب نه ٿي سگھي ڪٿي به سندس ڏس پتو نه پئجي سگهيو، اجالا پروين سولنگي جي بازيابي لاءِ وارثن پاران شھر سميت آس پاس جي علائقن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي گھمايو ۽ رڪشا ۾ لائوڊ اسپيڪر ذريعي پڙھو ڏياريو ويو معصوم ٻارڙي جي ڏاڏي محمد ابراھيم سولنگي پاڪ ڪتاب کڻي شھر جي گھٽين ، ڳوٺن واھڻ وستين ۾ گھمائڻ بعد رڪشا ۾ لائوڊ اسپيڪر جي ذريعي پڙھا ڏياريا ويا معصوم ٻارڙي جي ڏاڏي محمد ابراھيم سولنگي چيو ته اسان جي پتڪڙي اجالا پروين جنهن وٽ به آهي هن قرآن شريف جي صدقي اسان کي واپس ڪئي وڃي اسان کي پنھنجو گلاب جو گل ٻچڙو موٽائي ڏنو وڃي اسين ڪنھن کي ڪجهھ به نه چونداسين، هوڏانهن ميھڙ بار ايسوسيئيشن پاران نينگري جي والد ۽ وڪيل اڳواڻن پاران ميھڙ بار کان ڪورٽ جي مين گيٽ تائين احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو ڪيو ويو، مظاھري ۾ شامل وڪيلن ۽ نينگري جي وارثن پاران ٻارڙي جي بازيابي لاء زوردار نعرا ھنيا ان موقعي تي نينگري جي والد شمس الدين سولنگي ، ميھڙ بار جي صدر وڪيل پير بخش سولنگي ، جنرل سيڪريٽريءَ وڪيل داد محمد مگسي ، وڪيل جي اين کوسو ، وڪيل سعيد پنھور ، وڪيل امجد ٻلھڙو ، وڪيل عبدالخالق ٻگھيو ، وڪيل عزيزالله ٻرڙو ، وڪيل آعظم خاصخيلي ، وڪيل محمد علي ڪانڌڙو ، وڪيل اياز علي شاه ، وڪيل امتياز علي پنھور ۽ ٻين چيو ته ميھڙ جي ٻارڙي اجالا پروين سولنگي کي گم ٿيندي 8 ڏينھن گذري ويا آھن پر ھن وقت تائين ٻارڙي جو پتو پئجي نه سگھيو آھي ھنن ايس ايس پي دادو کان مايوسي جو اظھار ڪندي چيو ته ايس ايس پي دادو صرف ڪاميٽي جي ردوبدل ڪندو رھي ٿو پر افسوس جو ٽيڪنالاجي جي ھن دور ۾ به ٻارڙي جي جانچ ۾ پوليس ڪا اڳڀرائي ڪري نه سگھي آھي ھنن چيو ته سنڌ جي اندر معصوم ٻارڙن جا اغوا وارا واقعا وڌڻ انتھائي افسوسناڪ عمل آھي پريا ڪماري کان پوء ھي اجالا وارو واقعو به جي جھوري ڇڏيو آھي ھنن چيو ته ٻارڙي اجالا پروين واپس نه ٿي ته ميھڙ بار پاران روز جي بنياد تي احتجاج ڪندي عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪيو ويندو ھنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد ٻارڙي اجالا پروين کي بازياب ڪرائي والدين جي بيچيني دور ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي
سنڌياڻي تحريڪ وارثن وٽ پهتي، والدين روئي پيا، آٿت
ميھڙ: سنڌياڻي تحريڪ (قومي عوامي تحريڪ) جو وفد شازيه احمداڻي، نصرت خاصخيلي، فضا ملاح، وڪيل مير کوسو، سومر چانڊيو ۽ ٻيا ٻارڙي اجالا سولنگي جي گھر پھچي ٻارڙي جي امڙ، والد سان ملاقات ڪري ھمدردي ڪئي ان موقعي تي ٻارڙي جا والدين روئيندا ۽ ٻارڙي جي بازيابي لاء مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي
ڪراچي بار جي صدارتي اميدوار پاران سوشل ميڊيا تي بازيابي مهم هلائڻ جو اعلان
ميھڙ: ٻارڙي اجالا پروين سولنگي جي بازيابي لاء ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽريءَ ۽ موجوده صدارتي اميدوار وڪيل جي ايم ڪورائي پاران پنھنجو ويڊيو بيان جاري ڪندي ٻارڙي جي وارثن سان ھمدردي جو اظھار ڪيو آھي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ ھن آء جي سنڌ ، ڊي آء جي حيدرآباد ، ايس ايس پي دادو کان گھر ڪئي آھي ته معصوم ٻارڙي جي ڳولا ۾ ڪوششون تيز ڪن، ھن چيو ته سماج جو الميو آھي جو گلن جھڙا ٻار محفوظ ناھن اجالا جي ڳولا ۽ بازيابي لاء مان پنھنجي سوشل ميڊيا تي به مھم ھلائيندس
ٻارن کي اسڪول وڃڻ ۾ خوف، اجالا ڏياريو: شاگردن جون هٿ ٻڌي منٿون
ميهڙ: اسڪول ويل 6 ورھين جي معصوم ٻارڙي جي اغوا واري واقعي بعد ميھڙ شھر جي مختلف اسڪولن جي ٻارڙن ۾ خوف پکڙجڻ لڳو معصوم ٻارڙن ۽ اسڪول ويندڙ معصوم شاگردن طلعت النساء ، منيب الرحمن قمبراڻي ، اريبا محمد علي شيخ ، مصباح جاويد سولنگي ۽ ٻين پاران احتجاج ڪندي دانھيو ته معصوم ٻارڙي اجالا پروين سولنگي کي 8 ڏينھن ٿي ويا آھن ھو واپس نه موٽي آھي ٻارڙي جي والدين سان گڏ اسين معصوم ٻارڙا به پريشان آھيون اسان کي اسڪول وڃڻ لاء خوف ٿي رھيو آھي ھنن ھٿ ٻڌي سرڪار کان گھر ڪئي آھي ته خدارا معصوم ٻارڙي اجالا پروين کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي وڃي