| اُمِ رباب منهنجي مقابلي اچي ٿي ته ڀلي اچي: برهان |
ڪراچي: پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سردار خان چانڊيو چيو آهي ته اُمِ رباب سميت جنهن کي به اليڪشن يا سياست ۾ اچڻو آهي، اهو ڀلي اچي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڳ ۾ به منهنجي مقابلي ۾ کوڙ بيٺا آهن. کٽيو ته ڪير به ناهي. هن چيو ته هاڻي به جيڪڏهن اُمِ رباب سياست ۾ يا منهنجي خلاف مقابلي ۾ اچي ٿي ته ڀلي اچي.