تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اِسڪرين شاٽ … اعجاز احمد ڀيو

اُھو هڪ ايڊٽ ٿيل اسڪرين شاٽ ھُو جيڪو ايتريقدر ته لذيذ ڪوڙ سان ٽمٽار هو جو ڏسندڙ جي دل ۾ ڏسڻ شرط ئي سيف لاءِ بي انتھا نفرت جي باھ ڀڙڪي پوندي هئي! ۽ پوءِ ڏِسندڙ نه صرف سيف کي اُگهاڙيون گاريون ۽ منافقت جا طعنا ڏيندو هُو پر هن کي پنهنجي سوشل ميڊيا جي مڙني اڪائونٽس تان پڻ بلاڪ ڪري ڇڏيندو هو. سيف زندگيءَ جي اهڙي چو واٽي تي بيٺل هو جو هن کي پنهنجي بيگناهي، ايڊٽ ٿيل اسڪرين شاٽ کان لاتعلقي ۽ پنهنجي جگري دوست منير جي ان سموري معاملي ۾ منافقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪا واٽ نه پئي سجھي ڇو ته جگري دوست جي منافقت ۽ بيگناھه ھوندي گنهگاريءَ جي سزا جو ڏک جوان اولاد جي ڏک کان به وڌيڪ هوندو آھي!. دنيا به ھِن وقت تائين دوستيءَ ۾ منافقت جون حدون مقرر نه ڪري سگهي آھي ۽ اِن ڳالھه جي گهرائي تائين به ڪو انسان نه پهچي سگهيو آھي ته جيڪڏهن ڪو ويجهو دوست منافق بڻجي پوي ته پوءِ هو ڪيترو ڪِري سگهي ٿو؟
منير ھن جو سڀ کان وڌيڪ ويجهو دوست هو جنهن لاءِ اڪثر سيف چوندو هيو ته منير جهڙا دوست مشڪل وقت ۾ پيءُ جو ڪردار ادا ڪندا آھن پر سيف غلطيءَ تي هو ڇو ته منير جهڙا منافق دوست ئي انڌي اعتبار ۽ بي پناھ پيار جي آڙ ۾ اهڙيون سازشون ڪندا آھن جو پاڻ تان به ماڻھوءَ جو اعتبار کَڄي ويندو آھي جيئن منير اَنڌي اعتبار جي آڙ ۾ سيف کي سموري سنگت آڏو بي عزتو ۽ خوار ڪَري پنهنجي منافق ڪردار جو اصلي روپ ڏِيکاريو! منير هميشه سيف جي شھرت ۽ سموري سنگت ۾ ھُن جي ”معزز“ هجڻ واري حيثيت کي برادشت نه ڪندو هو جنهن ناسهپ جي ڪري هن اسڪرين شاٽ ايڊٽ ڪري سيف کان ”معزز“ هجڻ جو لقب کسڻ پئي چاهيو پر مُنير ان آيت جي ترجمي کان شايد اَڻ واقف هو ته عزت ۽ ذلت ڏيندڙ فرش وارا نه پر عرش وارو پروردگار ئي آھي! بحرالحال، منير سيف جي مُثبت چيٽ کي ناڪاري چيٽ ۾ ايڊٽ ڪَري اُن جو اسڪرين شاٽ پنهنجي سموري سنگت سان شيئر ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن جڏھن سيف آن لائن ٿيو ته هر طرف دوستن طرفان مليل طعنا، گاريون، سڀني دوستن پاران گروپن مان ڪيل رموو ۽ سوشل ميڊيا تان ڪيل بلاڪ جا نوٽيفڪيشن ڏٺائين ته هڪدم وائڙو ٿي ويو ۽ سبب پڇڻ لاءِ ڪنهن ڏانهن ”ڇا ٿيو آھي؟“ لکيائين ته گارين سان گَڏ اُھو ايڊٽ ٿيل اسڪرين شاٽ موصول ٿيس جنهن مان ھن کي پنهنجي ويجهي دوست منير جي منافقت ۽ سازش واضع نظر اچي رهي هئي ۽ ھُن پنهنجي سنگت کي صفائي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر سواءِ گارين ۽ منافقت جي طعنن جي ڪو خاص ريسپانس ڪنهن به دوست وٽان نه مليس نه ئي وري ڪو دوست اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار هيس نيٺ مايوس ٿي سيف نه صرف سوشل ميڊيا کي پر اينڊرائينڊ سيل فون کي پڻ الوداع ڪري ڇڏيو.
ڪي پيڊ موبائل ۽ خودغرض دوستن جي يادن جَڏھن هُن کي بوريت جي تڙپال ۾ ويڙھي ڇڏيو ته هُن ڪِتابن سان دوستي رکڻ جو اُصولي فيصلو ڪري ورتو جيڪو ڪنهن حد تائين ناممڪن پيو لڳي ڇو ته جنهن سيف پنهنجي سموري زندگي ڪورس جي ڪتابن کي دل سان ڪو نه هنڊايو سو هاڻي ڪيئن هنڊائيندو پر ناممڪن مان ممڪن بڻجڻ ۾ به دير ڪٿي ٿي لڳي جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا تيئن تيئن ڪتابن جي اُڄ وڌنڌي ويس ۽ پنهنجي روم کي ته ڄڻ لائبريبري بڻائي ڇڏيائين، هر روز بازار مان ڪو نه ڪو نئون ڪتاب پيو آڻي، سندن جي شاپنگ جيڪا هميشه مهنگي پرفيوم، بيوٽي ڪريم، سوٽ ۽ سٺن شوز تي مشتمل هوندي هئي سا هاڻي سٺن ڪتابن خريدڻ تي تبديل ٿي چڪي هئي ۽ ھو عملي طور تي ڪتابي ڪيڙو بڻجي چڪو هو. ڪتابن سان دوستي ۽ علم سان چاھه نه صرف هن جي دوستن جي سامهون ھُن جي بيگناھي، ايڊٽ ٿيل اسڪرين شاٽ ۽ سندن دوست منير جي منافقت وائکي ڪئي پر هن کي اعليٰ انسان ۽ اعلي آفيسر پِڻ بڻائي ڇڏيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *