| اِي چالان سسٽم بعد اهلڪار غائب، ٽريفڪ جام ٿيو وڃي: عامر صديقي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي محمد عامر صديقي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي خط لکي ڇڏيو ـ خط ۾ ھن لکيو آھي ته اي چالان کان پوءِ ڪراچي ۾ ٽريفڪ اهلڪار روڊن تان غائب آھن اسڪول ٽائيم ۽ پيڪ آورز ۾ شهري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ھجن ٿا ـ اي چالان صرف ڪيمرائن تائين محدود، ٻين علائقن ۾ بدانتظامي آهي ـ ھن پنهنجي تڪ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته پي ايس 102 جي مختلف علائقن ۾ بدترين ٽريفڪ جام رھي ٿي، غلط رخ ڊرائيونگ ۽ ون وي جي ڀڃڪڙي معمول بڻجي وئي نيو ايم اي جناح روڊ تي ريڊ لائين منصوبي سبب عوام پريشان آھي ايمانداري سان ٽيڪس ڏيندڙن جو وقت ۽ پئٽرول ضايع ٿي ٿو۔ ھن مطالبو ڪيو آهي ته شهر ڀر ۾ ٽريفڪ ڪانسٽيبل مقرر ڪيو وڃي ـ