اٽليءَ ۾ شاهوڪار عورت سڄي ملڪيت نوڪرياڻي کي ڏئي ڇڏي، ڀائٽيا پريشان

اپريل 4, 2024

روم (پنهنجي ڊيسڪ) اٽلي جي هڪ شاهوڪار عورت جي مائٽن کي ان وقت سخت جهٽڪو لڳو، جڏهن کين خبر پئي ته عورت مرڻ کان اڳ پنهنجي سڄي ملڪيت نوڪرياڻي جي نالي ڪري ڇڏي آهي

 رپورٽن موجب اٽلي جي هڪ عورت موت کان اڳ پنهنجي سموري ملڪيت، جيڪا تقريبن 45 لک ڊالر ٿئي ٿي، البانيا سان واسطو رکندڙ پنهنجي نوڪرياڻي جي نالي ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي 10 ڀائٽين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جيڪي ملڪيت ۾ اکيون وجهي ويٺا هئا

ماريا مالفٽ جو لاڏاڻو 80 ورهين جي عمر ۾ ٿيو، وٽس ڪيترائي قيمتي اثاثا هئا، جن ۾ ڪيترائي اپارٽمينٽ، هڪ تاريخي عمارت ۽ بئنڪ اڪائونٽن ۾ وڏي رقم شامل آهي

 واضح رهي ته ماريا مالفٽ جي شادي نه ٿيل هئي ۽ نه کيس ڪا اولاد هئي

Leave A Comment