اٽلي کي ورلڊڪپ کٽرائيندڙ فرانڪو باريزي لاڏاڻو ڪري ويو

اٽلي کي ورلڊڪپ کٽرائيندڙ فرانڪو باريزي لاڏاڻو ڪري ويو

روم( اسپورٽس نيوز) فٽبال ورلڊ ڪپ کٽيندڙ اٽلي جي 1982 واري ٽيم جو اڳوڻو رانديگر ۽ دنيا جي بهترين دفاعي فٽبالرن مان هڪ فرانڪو باريزي 66 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.اطالوي ڪلب اي سي ميلان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فرانڪو باريزي جي وفات جي تصديق ڪئي.فرانڪو باريزي اٽلي جي قومي ٽيم پاران 81 بين الاقوامي ميچون کيڏيون ۽ 1982 ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ اسڪواڊ جو اهم حصو رهيو. ان کان علاوه هن 1994 ۾ برازيل خلاف کيڏيل ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ اٽلي جي قومي ٽيم جي ڪپتاني پڻ ڪئي.اي سي ميلان پنهنجي بيان ۾ فرانڪو باريزي جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو فٽبال جي تاريخ جو هڪ عظيم رانديگر هو، جنهن جون ڪلب ۽ راند لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.