اٽلي ۾ به ثقافتي رنگ جرڪي پيا: سنڌي گيتن تي جهمريون

اٽلي ۾ به ثقافتي رنگ جرڪي پيا: سنڌي گيتن تي جهمريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سيمت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ثقافتي رنگ جرڪي پيا، اٽلي جي شهر فلورنس ۾ سنڌي اسٽوڊنٽس ان فلورنس پاران ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، حسام نظاماڻي ،ڪاشف شاھ،بلال قريشي،زين چوڌري طلعت سيٺار،فھد قريشي، عاصم مھر ،حامد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منعقد ڪيل سنڌي ثقافت جي پروگرام ۾ سنڌ جي سنڌين ۽ ٻين قومن سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري اجرڪون ۽ ٽوپيون پائي سنڌي گيتن تي جهمريون هڻي سنڌي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ثقافت قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي، اسان کي فخر آهي ته اسين سنڌي هزارين سال پراڻي ثقافتي ۽ شاهوڪار تهذيب جا وارث آهيون، ايڪتا ڏهاڙو اسان سنڌي قوم کي گڏجي رهڻ سيکاري ٿو، تقريب ۾ سنڌي ڪلام هو جمالو تي نوجوانن ۽ نارين پاران رقص ڪيو ويو،