روم (م ڊ) اٽلي جي اتر وارن علائقن ۾ طوفاني برسات ۽ ٻوڏ سبب معمولي جي زندگي مفلوج بڻجي وئي. لاڳيتو برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏو حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو.
اختيارين موجب لينڊ سلائڊنگ ۽ مختلف حادثن ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا. پاڻي ۾ گھڙيل علائقن مان هزارين ماڻهن کي محفوظن هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.
متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون جاري آهن. ٻي پاسي ٻوڏ ۽ برساتن سبب پيدا ٿيل ايمرجنسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فارمولا ون گران پري ريس کي به ملتوي ڪيو ويو آهي.