اٽو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 46 رپيا مهانگو: سال ۾ مهانگائي شرح ۾ 15.8 سيڪڙو اضافو ٿيو: حڪومت
اپريل 1, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رمضان مهيني ۾ به ملڪ اندر مهانگائي ۾ آيل تيزي برقرار، ڪيلن جي في درزن قيمتن ۾ 16 رپيا، آنن جي في درزن قيمتن ۾ 17 رپيا،ننڍي گوشت جي في ڪلو قيمتن ۾ 35 رپيا، 20 ڪلو اٽي جي قيمتن ۾ 49 رپيا، 190 گرام چانهن جي قيمتن ۾ 9 رپيا هفتي دوران اضافو ٿيڻ جو حڪومت تصديق ڪئي آهي. شماريات کاتي جي هفتيوار رپورٽ موجب هفتي دوران 23 شين جي قيمتن ۾اضافو، 11 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 17 شين جون قيمتون برقرار رهيون، اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 46 رپيا 42 پيسن جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت وڌي 2635 رپيا ٿي وئي آهي، في ڪلو ڏهي جي قيمت ۾ 2 رپيا 28 پيسا اضافو ٿيو، ٽوٽا باسپتي چانورن جي في ڪلو قيمتن ۾ 2 رپيا 17 پيسا اضافو ٿيو، ، هڏي سان گڏ في ڪلو وڏي گوشت جي قيمت ۾ 7 رپيا 28 پيسن جو اضافو ٿيو، ائين ٿوم، ڪپڙا ڌوئڻ جي صابڻ، دال مسور، پٽاٽن، ايري چانور، دال ماش ۽ دٻي واري کير جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گذريل هفتي دوران بصرن جي في ڪلو قيمتن ۾ 19 رپيا 76 پيسا، ثابت مرغي جي في ڪلو قيمت ۾ 44 رپيا 38 پيسا، ٽماٽن جي في ڪلو قيمتن ۾ 10 رپيا 18 پيسا، 16ڪلو ايل پي جي سلينڊر جي قيمت ۾ 44 رپيا 99 پيسا، 5 ڪلو کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 41 رپيا 71 پيسا، هڪ ڪلو گيهه جي قيمتن ۾ 6 رپيا 51 پيسن جي گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته في مڻ ڪاٺين جي قيمتن ۾ 3 رپيا 78 پيسا گهٽتائي آهي.
اسلام آباد: ناڻي وزارت گذريل هڪ سال دوران ڊالر جي قدر ۾ 101 روپيو 58 پيسا ، سال ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 15.8 سيڪڙو، پاليسي ريٽ ۾ 10.25 سيڪڙو اضافو ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، ناڻي وزارت مارچ 2023 جي دوران معاشي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي گذريل مالي سال 2021-22 جي جولاءِ کان فيبروري جي عرصي جي مقابلي ۾ هلندڙ سال 2022-23 جولا کان فيبروري دوران مٽا سٽا جي ناڻي جي آمد ۾ 10.9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آھي گذريل سال جي ڄاڻايل عرصي ۾ پرڏيھه مان 20.2 ارب ڊالر آيا هئا جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران 18 ارب ڊالر اچي سگهيا آھن، گذريل سال جي ڄاڻايل عرصي ۾ ايڪسپورٽ ۾ 9.7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي هن سال 18.6 ارب ڊالرن جي ايڪسپورٽ رهي، پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ گذريل سال جي جي مقابلي ۾ هن سال 40.4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي گذريل سال پرڏيهي سيڙپڪاري 1 ارب، 31 ڪروڙ 55 لک ڊالرن جي ٿي هئي هن سال رڳو 78 ڪروڙ، 44 لک ڊالرن جي پريهي سيڙپڪاري ٿي سگهي. آھي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ به گهٽتائي ٿي گذريل سال ڄاڻايل عرصي ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مجموعي طور تي 18.641 ارب ڊالر هئا هن سال اهي گهٽ ٿي 9.671 ارب ڊالرن تي پهچي چڪا آھن گذريل سال 29 مارچ 2022 تي ڊالر جو ملهه 182.34 رپيا هو جيڪو هن سال اضافي بعد 283.92 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 18.2 سيڪڙو اضافي ٽيڪس وصوليون ، 28.5 سيڪڙو زرعي شعبي کي اضافي قرضن جي فراهمي ٿي، تازو هفتن دوران پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ سبب به مهانگائي وڌي آھي، ٻوڏ تباهي ڪري به مهانگائي ۾ اضافو ٿيو مالي سال جي مڪمل ٿيڻ وقت يعني جون ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي جو امڪان آھي حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي.