| اپوزيشن اتحاد جو قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار: حڪومت سان ڳالهيون رڳو تحريڪ تحفظ جي پليٽ فارم تي ٿينديون: اچڪزئي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن اتحاد قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو، محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهيون رڳو تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي پليٽ فارم تي ٿينديون. تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڇڏي ويل سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، فواد احمد چوڌري، مولوي محمود ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳالهين واري ڪميٽي اپوزيشن اتحاد جي قيادت سان رابطو ڪري قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي، ان حوالي سان اپوزيشن اتحاد تصديق ڪندي چيو آهي ته اسانکي قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دعوتنامو مليو آهي پر اسان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڪانفرنس ڪنهن به سياسي پليٽ فارم تان نه پئي ٿئي. اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، علامه راجا ناصر عباس، مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي ڇڏي ويل ماڻهن جي پنهنجي ايجنڊا آهي ان سان اپوزيشن اتحاد جو ڪوبه واسطو ناهي، حڪومت سان ڳالهيون رڳو تحفظ تحريڪ آئين پاڪستان جي پليٽ فارم تان ٿينديون. هنن چيو ته باني پي ٽي آءِ ڳالهين جو اختيار تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان کي ڏنو آهي، اسان حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، چاهيون ٿا ان لاءِ سياسي ماحول پيدا ڪيو وڃي . ٻئي طرف ڳالهين واري ڪميٽي پاران اربع تي اسلام آباد ۾قومي ڪانفرنس ٿيندي، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم، ق ليگ، بلوچستان عوامي پارٽي، اي اين پي ۽ ٻين سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي پڻ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.