اپوزيشن اتحاد حڪومت مخالف تحريڪ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا: جماعت اسلامي مشروط حامي، جي ڊي اي ۽ قومپرست به شموليت لاءِ راضي

آگسٽ 14, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي ڊي اي سوڌو سنڌ جي قومپرستن پارٽين پاران تحريڪ تحفظ آئينِ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو، جماعت اسلامي اپوزيشن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ بدران ڪجهه نقطن تي حمايت جو فيصلو ڪري ورتو، اپوزيشن پارٽيز جي اجلاس جا تفصيل سامهون اچي ويا

تفصيل موجب اپوزيشن پارٽين جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪومت مخالف تحريڪ ۽ ٻين اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پختونخوا ملي عوامي پارٽي (پي ڪي ميپ) جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي وزير محمد علي دراني شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر، عمر ايوب ۽ اسد قيصر کانسواءِ جماعت اسلامي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي (بي اين پي) مينگل جي وفد به شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اپوزيشن جي اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو

ان کان علاوه اجلاس ۾ مخالف ڌر جي گڏيل حڪمت عملي بابت ٽي او آرز تي به غور ڪيو ويو.ذريعن موجب اپوزيشن پارٽين کي ملاقات لاءِ دعوت تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران ڏني وئي، اپوزيشن اتحاد محمود اچڪزئي جي قيادت ۽ مزاڪراتي مينڊيٽ تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو، جڏهن ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ سنڌ جي قومپرست پارٽين تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو

اجلاس ۾ وڌيڪ مشاورت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن موجب جماعت اسلامي اپوزيشن اتحاد ۾ شموليت بدران ڪجهه نقطن تي حمايت جو فيصلو ڪيو، ان حوالي سان لياقت بلوچ موقف اختيار ڪيو ته وڏيون پارٽيون حڪومت ۾ وڃي ڪري اپوزيشن دور ۾ ڪيل واعدا وساري ڇڏينديون آهن

پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي جي اڪثريت ۾ نفرت ڀرجي چڪي آهي، مولانا عبدالغفور حيدري ۽ ساجد ترين ان موقف جي حمايت ڪئي، محمود اچڪزئي چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ خرابين جو سبب گڏيل ناقص حڪمت عملي رهي، سمورن مسئلن جو حل آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي ۾ آهي

ذريعن موجب صوبائي وسيلن تي مقامي ماڻهن جو آئيني حق تسليم ڪرڻ واري محمود اچڪزئي جي تجويز جي حمايت ڪئي وئي، اچڪزئي چيو ته اسان سڀني کي پنهنجي غلطين تي به توبهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ ڳالهين جي شروعات فضل الرحمان ۽ پڄاڻي محمود اچڪزئي ڪئي.   ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي باني عمران خان روڊن تي اچڻ جي ڌمڪي ڏني هئي

Leave A Comment