Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_3fa5mr1a07qo0gb1itb39u8lbv, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اپوزيشن اتحاد حڪومت کي لوڏي ڇڏيو آهي، تڏهن عمران خان ڌمڪيون پيو ڏئي: عوام ..... نيٺ ٿيندو ڇا ؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اپوزيشن اتحاد حڪومت کي لوڏي ڇڏيو آهي، تڏهن عمران خان ڌمڪيون پيو ڏئي: عوام ..... نيٺ ٿيندو ڇا ؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

اپوزيشن اتحاد حڪومت کي لوڏي ڇڏيو آهي، تڏهن عمران خان ڌمڪيون پيو ڏئي: عوام ….. نيٺ ٿيندو ڇا ؟

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ”نئون عمران خان اچي ويو آهي، اپوزيشن سان مقابلو ڪري ڏيکاريندس“ وزيراعظم جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران خان مخالفن جا جلسا ڏسي وائڙو ٿي ويو آهي، پهريان نئون پاڪستان پيو ٺاهي هاڻي وري نئون عمران خان، نئين پاڪستان ۾ عوام جي چيلھه چٻي ٿي وئي ۽ هاڻي وري نئون عمران خان ڏسون ڇا ٿو ڪري،رڳو اپوزيشن سان مقابلي جون سکڻيون ڳالهيون آهن، عوام جي ڀلائي جي لاءِ ته ڪجهه ڪيو ئي ناهي، عمران خان جي بيان مان اھو ثابت ٿي ويو آھي ته اپوزيشن جي اتحاد حڪومت کي ڌوڏي ڇڏيو آھي جنهن ڪري ان قسم جي ڌمڪي وارا بيان سامهون اچي رهيا آهن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته عمران کان جيڪي چوي ٿو ان تي عمل ڪرڻ آسان نه آهي اپوزيشن سڀ گڏ آهي عوام جو اهڙو مهانگائي حال ڪيو آهي جو عوام اپوزيشن سان گڏ آهي، گل حسن شر لکيو ته وزيراعظم کي اھڙو بيان نه گھرجي ھا پاڻ چار مھينا ڌرڻو ھڻندڙ ھڪ ڏينھن جي جلسي تي ايڏو ڇو ڪاوڙيو آهي، پرويز علي لکيو ته وري تقريرون سڀ ڪوڙا آهن، جاويد هڪڙو لکيو ته عمران خان به نئون ايئن ايندو جيئن نئون پاڪستان، فخر الزمان سومرو لکيو ته ڪالهوڪي تقرير ۾ عمران خان ان پهلوان وانگر آخري جانٺا هڻڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ڪو پهلوان هارائڻ وقت جانٺا هڻندو آهي، شنڪر باغي لکيو ته ڪجھه ڪونهي مڙيئي اهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، هاڻي بازي پلٽجي چڪي آھي هاڻي خان صاحب به ڪم جو نه رهيو آھي، ڪاشف بلوچ لکيو ته پهريان نئون پاڪستان پيو ٺاهي هاڻي وري نئون عمران خان، نئين پاڪستان ۾ عوام جي چيلھه چٻي ٿي وئي ۽ هاڻي وري نئون عمران خان ڏسئون ڇا ٿو ڪري، روشن داس لکيو ته رڳو اپوزيشن سان مقابلي جون سکڻيون ڳالهيون ڪندو ٻيو ڇا ڪندو عوام جي ڀلائي جي لاءِ ته ڪجهه ڪيو ئي ناهي، عوام حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته نئين پاڪستان کي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي هاڻ وري نئون عمران خبر ناهي ڇا ڪندو، عطامحمد چنا لکيو ته ڳالھيون سڀ سچ اٿس اسان کي ڪجھه وقت عمران کي ڏيڻ گھرجي باقي اپوزيشن کي آزمايو آھي، ذوالفقار شر لکيو ته بس سڀ پاڻ ۾ مليا پيا آھن ھن کي به پنج سال ڪڍڻا آھن ۽اپوزيشن کي به دلاسا ڏيڻاآھن، سانگيڏانسنگھه راٺوڙ لکيو ته عمران خان مخالفن جا جلسا ڏسي وائڙو ٿي ويو آهي، جلسا ڪرڻ، احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو جمهوري حق آھي، عمران خان چار مهينا نواز شريف جي خلاف ڌرڻو ڇو هنيو هو!؟محمد اسحاق لوهار لکيو ته چورن سان پڄڻ آسان آهي، هزار خان لکيو ته عمران خان پاڻ وڻائڻ لاءِ اهڙو بيان ڏنو، آزاد عبدالقدوس لکيو ته ھميشھه حڪمران جيڪا ڳالهه ڪن ٿا ان جي ابتڙ ڪم ٿيندو آهي،الهڏنو راهمون لکيو ته غير سنجيدگي جو مظاھرو ڪندي عمران خان اهڙو بيان ڏنو، رضوان احمد مجيداڻو لکيو ته عمران خان پاڻ نٿو ڳالهائي، شبير ڪوري لکيو ته ڪرڻ ۽ چوڻ ۾ فرق آھي، پيارو خان سنجراڻي لکيو ته پهريان نئون پاڪستان ٺاهڻ جا واعدا ئي وفا ناهن ٿيا ته نئون عمران ٿيڻ جهڙي کل جوڳي ڳالهه ڪئي اٿس، مدثر کهاوڙ لکيو ته عمران خان هن وقت عوام ۾ نااهل ٿي چڪو آھي جيڪو مهانگائي تي ڪنٽرول نٿو ڪرائي سگهي، محمد خالد ميمڻ لکيو ته هن تي ڪوبه ڀروسو ناهي، شبير سهتو لکيو ته وزيراعظم جي سيٽ تي ويٺل آھي ائين ڌمڪيون ڏيڻ مناسب ناهي، ظفر رند لکيو ته عمران خان کي وزيراعظم جي حيثيت ۾ اهڙو بيان نه ڏيڻ گهرجي ها، وحيد ڄامڙو لکيو ته عمران خان جي بيان مان اھو ثابت ٿي ويو آھي ته اپوزيشن جي اتحاد حڪومت کي ڌوڏي ڇڏيو آھي، علي مراد لاشاري لکيو ته وزيراعظم جي اهم منصب کي سنڀالڻ بعد به عمران خان جو انداز بيان ڪافي نا مناسب رهيو آھي، رضا راڄپر لکيو ته عمران خان نئون هجي توڙي پراڻو هاڻي هٿن مان گيم نڪرندي نظر اچي ٿي، آفتاب بجير لکيو ته ان سان ڪافي فرق ايندو پر ان ۾ عوام کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو، احمد خان مري پڻ راءِ جو اظهار ڪيو. علي گل دايو لکيو ته اپوزيشن وارا سڀ پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن، عبدالرئوف سومرو لکيو ته عمران خان پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون پيو ڪري، عبدالهادي لکيو ته سواءِ دڙڪن جي اهڙو بيان ڪجهه ناهي. ليلا رام لکيو ته عمران خان جي حڪومت سور ته گهڻا ئي ڏنا آهن، مهانگائي وڌي وئي آهي، علي زاهد لکيو ته نئون پاڪستان ٺهي مڪمل ٿي ويو آهي هاڻي وري نئون عمران ٿو ٺهي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته عمران خان جلسا ڏسي پريشان ٿي ويو آهي، ايم موسيٰ لغاري پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، علي مراد چانگ لکيو ته هر وزيراعظم پنهنجي ڳالهه ڪندو آهي، محمد جمن پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، بابو جاني مهراڻپوٽو لکيو ته عمران خان مخالفن جا جلسا ڏسي وائڙو ٿي ويو آهي. ممتاز ڪنڀر لکيو ته ايندڙ ٿوري وقت ۾ سڀ بهتر ٿي ويندو، آفتاب بلوچ لکيو ته وزيراعظم پريشان آهي، علي غلام چانڊيو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، غلام حسين ديدڙ لکيو ته اهو عمران نٿو ڳالهائي،. لال محمد جلباڻي، سليم اختر، رضوان احمد، حافظ عيدل ڪنڀر، سينگار علي، پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، خادم رند لکيو ته نواز شريف پاران آرمي چيف تي تنقيد کانپوءِ عمران خان مخالف ڌر جي اڳواڻن خاص طور ن ليگ جي قيادت خلاف سخت ۽ ڌمڪي آميز ٻولي ڳالھائي، حاجي شريف، حبيب الله جمالي، رضوان منگي، نياز ڪنڀر، ، حفيظ قريشي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *