| اپوزيشن اتحاد پاران اسلام آباد کان لاهور تائين عوامي رابطا مهم هلائڻ جو منصوبو تيار |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن اتحاد اسلام آباد کان لاهور تائين عوامي رابطا مهم هلائڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو. تفصيل موجب اپوزيشن اتحاد جي پليٽ فارم تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو قافلو خميس تي اسلام آباد کان جي ٽي روڊ رستي لاهور روانو ٿيندو، قافلي ۾ اپوزيشن اتحاد جي مرڪزي قيادت سميت مختلف سياسي پارٽين جا اڳواڻ شامل هوندا. جي ٽي روڊ تي چئن هنڌن گجرات، گوجرانوالا، شاهدره ۽ لاهور ۾ قافلي جي آجيان لاءِ تياريون پڻ مڪمل ڪيون ويون آهن، تحريڪ تحفظ جو قافلو پنجاب اسيمبلي جو دورو ڪندو جڏهن ته مينار پاڪستان ۽ داتا دربار جي مزار تي حاضري ڀريندو. قافلو ٽن ڏينهن تائين لاهور ۾ قيام ڪندو، مختلف تقريبن ۾ شرڪت ڪندو، وفدن سان ملاقاتون پڻ رٿيون ويون آهن