| اپوزيشن اتحاد پاران 27هين ترميم خلاف مزاحمت جي رٿابندي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اپوزيشن اتحاد جو گڏيل پارلياماني پارٽي جو اجلاس قومي اسيمبليءَ ۾ ٿيو. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر علامه ناصر عباس ڪئي، اپوزيشن جي گڏيل حڪمت عملي ۽ ايندڙ پارلياماني حڪمت عملي تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ بئريسٽر علي ظفر ۽ سلمان اڪرم راجا ميمبرن کي 27هين آئيني ترميم جي تجويز ڪيل مسودي بابت بريفنگ ڏني. ميمبرن 27 هين آئيني ترميم جي مختلف رخن تي تفصيلي غور، ويچار ڪيو ۽ ان تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. سينيئر اڳواڻ لطيف کوسه آئيني عدالت جي تجويز ڪيل قيام تي ڳالهائيندي چيو ته اهڙيون ترميمون آئيني بنيادن ۽ عدليه جي آزادي جي ابتڙ آهن. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن متفقه طور تي موقف اختيار ڪيو ته 27هين آئيني ترميم ذريعي پاڪستان جي آئين، سپريم ڪورٽ، جمهوريت ۽ ٻين آئيني ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن صورت قابل قبول نه آهي. پارلياماني ميمبرن عزم ڪيو ته هو آئين جي بالادستي، عدليه جي آزادي ۽ جمهوري قدرن جي تحفظ لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر مڪمل جدوجهد جاري رکندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ گڏيل اپوزيشن اجلاس ۾ ان تجويز ڪيل ترميم جي خلاف پارلياماني ۽ عوامي سطح تي مزاحمتي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.