| اپوزيشن اتحاد پاران 8 فيبروري تي ملڪ گير هڙتال لاءِ تياريون: نگراني ڪوآرڊينيشن ڪميٽي حوالي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي فيصلي مطابق 8 فيبروري 2026 تي چونڊن ۾ عوامي مينڊيٽ جي پائمالي ۽ ووٽ چوري خلاف ملڪ گير هڙتال ڪئي ويندي. هي هڙتال آئيني حقن، ووٽ واري حق جي بحالي ۽ جمهوري اصولن جي تحفظ لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ هڪ فيصلائتو موڙ آهي. تحريڪ جي مرڪزي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي هڙتال جي مڪمل نگراني، رهنمائي ۽ رابطا ڪاري جا فرض سرانجام ڏيندي. ڪميٽي سڀني صوبائي ۽ علائقائي ڪميٽين سان سڌي رابطي ۾ رهندي ۽ هڙتال جي تيارين، اڳڀرائي ۽ نتيجن جو جائزو وٺندي. سينٽرل ڪوآرڊينيشن ۽ ايڊمن ڪميٽي ملڪ اندر ٿيندڙ هڙتال وارين سرگرمين جي نگراني ڪرڻ سان گڏ ضروري رهنمائي فراهم ڪندي ۽ ڪنهن به غير متوقع صورتحال جي لاءِ فوري قدمن کي يقيني بڻائيندي. اهڙي طرح هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سمورن صوبائي، علائقائي ۽ ضلعي ڪميٽين کي احتجاجي مهم هلائڻ، شٽرڊائون کي منظم ڪرڻ ۽ ڦيٿا جام جي اثرائتي منصوبه بندي ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون. هي ڪميٽيون فوري طور عوام، واپارين، مزدورن، شاگردن، وڪيلن، ٻين تنظيمن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان رابطو قائم ڪنديون ته جيئن هڙتال ۾ عوامي شرڪت کي وڌائي سگهجي. هر صوبائي ۽ علائقائي ڪميٽي کي پنهنجي علائقي جي حالتن مطابق مناسب قدم ترتيب ڏيڻا پوندا ته جيئن ملڪ گير هڙتال ۾ وسيع عوامي شرڪت يقيني بڻائي سگهجي. سڀ ڪميٽيون مرڪزي مانيٽرنگ سيل سان مسلسل رابطي ۾ رهنديون، جيڪو هڙتال دوران هم آهنگي ۽ نگراني جو فرض سرانجام ڏينديون. هڙتال جي پرامن نوعيت کي يقيني بڻائڻ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ملڪ جي سمورن شهرين، تنظيمن ۽ ادارن کان اپيل ڪري ٿي ته هو هن تاريخي هڙتال ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ آئين، جمهوريت ۽ انصاف جي تحفظ جو واضع پيغام ڏين. هي هڙتال صرف احتجاج جو اظهار نه پر قومي يڪجهتي ۽ قانون جي حڪمراني جي عزم جو پڻ نشان آهي. اسان سڀ گڏجي پرامن، منظم ۽ اثرائتي احتجاج ذريعي پنهنجي آواز بلند ڪنداسين.