اپوزيشن جي احتجاج سبب روزانو 190 ارب جو نقصان، آءِ ٽي بندش سان ناڪاري اثر پوي ٿو: ناڻي وزير
نومبر 25, 2024
اسلام آباد (م ڊ) ناڻي وزير محمد ارونگزيب چيو آهي ته اپوزيشن جي احتجاج جي ڪال سان روزانو 190 ارب جو نقصان ٿيندو آهي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته لاڪ ڊائون ۽ احتجاج سبب ٽيڪس وصولن ۾ گهٽتائي ٿيندي آهي، احتجاج سبب ڪاروبار ۾ رنڊڪ سان برآمد متاثر ٿيندي آهي، هن چيو ته احتجاج سبب امن برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي تي اضافي خرچ ٿيندو آهي، آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جا شعبا نقصان ۾ ويندا آهن، آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام بندش سبب سماجي طور ناڪاري اثر پوندا آهن. ناڻي وزير چيو ته رپورٽ تيار ڪئي آهي هڪ محتاط اندازي موجب جي ڊي پي کي روزانو 144 ارب جو نقصان ٿيندو آهي، هڙتال سبب برآمد ۾ لاٿ سبب روزانو 26 ارب جو نقصان ٿيندو آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري متاثر ٿيڻ سان روزانو 3 ارب جو نقصان آهي، صوبن جا نقصان الڳ آهن، صوبن کي زرعي شعبي ۾ روزانو 26 ارب جو نقصان ٿيندو آهي، صوبن ۾ صنعتي شعبي ۾ ٿيندڙ نقصان 20 ارب کان وڌيڪ آهي.