| اپوزيشن حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار: نئين سر شفاف چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو: 8 فيبروري تي ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال جو اعلان |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاران اسلام آباد ۾ ڪوٺايل قومي ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي خطاب ڪندي تحريڪ تحفظ آئين جي سربراه محمود خان اچڪزئي چيو ته انگريزن خلاف جدوجهد اسان جي پشتونن ڪئي۔ انگريزن جا گهوڙا پاليندڙ اسان کي غدار چون ٿا۔ اسان ملڪ جي هڪ هڪ انچ جي دفاع لاءِ وڙهيا آهيون۔ اسان نه لٺ کڻنداسين ۽ نه گاريون ڏينداسين. جيڪڏهن پرامن احتجاج تي لاٺي چارج يا گولي هلي، ته ذميواري اوهان تي هوندي۔ چورن ۽ لفنگن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. پي ٽي آءِ جون سيٽون ٻين جي کيسي ۾ وڌيون ويون آهن۔ اسان شريف ضرور آهيون، پر ڪمزور ناهيون۔ نواز شريف چيو هو ته هي ڪم منهنجو ناهي۔ظالم ۽ مظلوم ۾ فرق ضرور هئڻ گهرجي۔ هن چيو ته اسان ظلم روڪڻ نڪتا آهيون، اچو اسان جو ساٿ ڏيو، هي نعرو هجڻ گهرجي۔ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خطاب ڪندي چيو ته اڄ آواز نه ميڊيا ۽ نه ئي پارليمان ۾ بلند ٿي سگهي ٿي. عدالتن مان انصاف نٿو ملي۔ عوام اسان کان پڇي ٿو ته مسئلن جو حل ڇا آهي. جيستائين قانون جي بالادستي قائم نه ٿيندي، ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي۔ بنيادي حق بحال ڪيا وڃن۔ تباهه ٿيل آئين ملڪ کي ڪجهه به نٿو ڏئي سگهي. بنيادي حقن ۽ آئين کي بحال ڪيو وڃي۔ پاڪستان ۾ هائبرڊ نه رڳو پاڪستان جو ماڊل ئي هلي سگهي ٿو، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل خان آفريدي خطاب ڪندي چيو ته اسان خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ امن جرڳو ڪيو۔ اسان سمجهندا هئاسين ته امن بحال ڪرائڻ صوبائي حڪومت جو ڪم آهي، پر ائين ناهي۔ جن جو ڪم امن بحال ڪرائڻ آهي، اهي امن نٿا بحال ڪرائين۔ امن جرڳي ۾ شرڪت ڪندڙ پي ٽي ايم نمائندن کي کنڀي ويو۔ اسان چيو ته جيڪي شيون اسان سمجهون ٿا، اهي اوهان نٿا سمجهو۔ انهن جا صلاحڪار به نااهل آهن۔ بند ڪمرن جون پاليسيون ملڪ لاءِ نقصانڪار آهن۔ سردار اختر جان مينگل خطاب ڪندي چيو ته اسان سمجهندا هئاسين ته رڳو اسيمبلي ميمبر ئي اڳوڻو ٿيندا آهن، هاڻي خبر پئي ته اينڪر به اڳوڻا ٿي ويندا آهن. مون ساٿين کي چيو هو ته وڏن وڏن ماڻهن کي استثنا ڏيو ٿا ته مون کي به تقرير کان استثنا ڏئي ڇڏيو۔ اڄ جي دور ۾ ٽوئيٽ ڪرڻ ۽ سوال ڪرڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، حڪمرانن اسد طور جي طوطي کي به نه بخشيو۔ مونجهاري واري ماحول ۾ قومي ڪانفرنس جو انعقاد خوش آئند آهي۔ آئين جي مقدس ڪتاب کي مقدس طاقتور قوت هضم ڪري وئي آهي۔ اسان انهن ماڻهن کي ذميوار قرار ڏيون ٿا، ڇا انهن جي پٺيان ادارا ناهن. بلوچستان ۾ ماڻهو پنهنجن پيارن جي لاشن جي انتظار ۾ آهن۔ بلوچستان ۾ روزانو اٺ کان ڏهه ماڻهو کنڀي کنيا وڃن ٿا۔ بلوچستان جي نوجوان جو آئين، جهنڊي ۽ قومي تراني تان اعتماد کڄي چڪو آهي۔ سياسي جماعتن تان نوجوان جو اعتماد ختم ٿي ويو آهي۔ آئين جو حليو بگاڙيو ويو آهي۔آئين سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي آهي۔پارليامينٽ هائوس ۾ آئين سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي آهي۔علامه راجه ناصر عباس خطاب ڪندي چيو ته ليڊر، عوام ۽ انصاف کان سواءِ نظام نٿو هلي سگهي۔پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو انصاف جو فقدان آهي، ماڻهن کي بنيادي حق نٿا ملن۔ اسان سڀني کي گڏ ويهي ڳالهائڻو پوندو۔ ڪو به بزدل چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال نٿو ڪري سگهي۔ اسد قيصر خطاب ڪندي چيو ته عزت ۽ ذلت الله تعالىٰ جي هٿ ۾ آهي۔ اسان جدوجهد صبر ۽ همت سان جاري رکنداسين۔ قومي ڊائلاگ ۾ اسان خيرات نٿا گهرون۔ اسان هر قانوني حد تائين وينداسين۔ اسان اوهان کان وڌيڪ پاڪستاني آهيون۔ پي ٽي آءِ فيڊريشن جي علامت آهي۔سينيئر صحافي امتياز عالم خطاب ڪندي چيو آهي ته منهنجا ٽي چار سوال آهن ته ڇا اوهان بااختيار کان اختيار کسڻ چاهيو ٿا، ڇا هي ڪانفرنس ڪا اپيل ڪندي، هڪ شهري جي حيثيت سان پڇان ٿو، شهري ۽ رياست جو معاهدو ٽٽي چڪو آهي۔ ڇا اوهان عوام کي متحرڪ ڪندا. محمود خان اچڪزئي ڪيتري حد تائين فيصلا ڪري سگهندو. ڇا اسان کي ڊي چوڪ تي قبضو ڪرڻو آهي يا رڳو درخواست ڪرڻي آهي. وفاقيت خطري ۾ آهي، معاشي پاليسي بدلڻ جي ضرورت آهي. قومي ڪانفرنس کي عمار علي جان، امان الله خان پراچه، قومي عوامي تحريڪ جي مظهر راهوجو، لمز يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر قيمو رحمان، معين قريشي، ڪاشف عباسي ۽ ٻين خطاب ڪيو.