اپوزيشن ليڊر مقرري تي تڪرار: حڪومت کي اچڪزئي تي اعتراض، نالو تبديل نه ٿيندو:  پي ٽي آءِ

اپوزيشن ليڊر مقرري تي تڪرار: حڪومت کي اچڪزئي تي اعتراض، نالو تبديل نه ٿيندو:  پي ٽي آءِ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر جي مقرريءَ وارو معاملو، حڪومت پاران تحريڪ انصاف جي اپوزيشن ليڊر لاءِ ڏنل محمود خان اچڪزئي تي اعتراض واري ڇڏيو. تحريڪ انصاف پاران مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ محمود خان اچڪزئي جي ئي نالي تي اتفاق ڪيو ويو. تفصيل موجب قومي اسيمبلي لاءِ اپوزيشن ليڊر جي طور تي محمود خان اچڪزئي جو نالو ڏنو ويو هو. حڪومت محمود خان اچڪزئي جي نالي تي اعتراض ڪندي چيف ويپ عامر ڊوگر کي خط لکي ڇڏيو. پاڪستان تحريڪ انصاف اپوزيشن ليڊر لاءِ محمود خان اچڪزئي جي نالي تي قائم رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عامر ڊوگر مطابق پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر سان صلاح مشوري بعد خط جو جواب ڏنو ويندو. اسان اپوزيشن ليڊر لاءِ محمود خان اچڪزئي جو نالو فائنل ڪيو آهي. باني تحريڪ انصاف سان صلاح مشوري بعد محمود خان اچڪزئي جو نالو ڏنو ويو هو. اپوزيشن ليڊر لاءِ محمود خان اچڪزئي جو نالو تبديل نه ڪيو ويندو. گذريل ٻن مهينن کان اپوزيشن ليڊر جي سيٽ خالي آهي، جنهن دوران 27هين ترميم پاس ڪئي وئي، محمود خان اچڪزئي آئيني طور تي اسيمبلي جو حصو آهن، ان جي نالي تي اعتراض جو ڪو جواز ناهي، اهو اسان جو آئيني حق آهي، جنهن ۾ حڪومت کي دير نه ڪرڻ گهرجي، باني تحريڪ انصاف سان صلاح مشوري ٿي چڪي آهي، ٻيهر صلاح مشوري نه ٿيندي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي خط جو جواب ڏنو ويندو.