اپوزيشن پاران اختر مينگل جي استعيفا دير سان منظور ڪرڻ تي تنقيد

اپوزيشن پاران اختر مينگل جي استعيفا دير سان منظور ڪرڻ تي تنقيد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي ترجمان چيو آهي ته بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل جي قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ جي دير سان منظوري پارلياماني حلقن ۾ سنجيده آئيني ۽ جمهوري سوال اٿاري رهي آهي. ترجمان موجب سردار اختر مينگل 3 سيپٽمبر 2024ع تي اين اي 256 خضدار جي سيٽ تان پنهنجو استعيفيٰ جمع ڪرايو هو، جيڪو لڳ ڀڳ هڪ سال پنج مهينا التوا ۾ رکيو ويو ۽ آخرڪار 11 فيبروري 2026ع تي منظور ڪيو ويو. ترجمان چيو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي ماضي ۾ هڪ انٽرويو دوران استعيفيٰ جي تصديق لاءِ صحيح ۽ گواهن جي توثيق ضروري قرار ڏني هئي، پر ڊگهي عرصي تائين ڪو حتمي فيصلو نه ٿيڻ ۽ پوءِ اوچتو منظوري ڏيڻ پارلياماني شفافيت جي تقاضائن سان هم آهنگ نظر نٿو اچي. چونڊيل عوامي نمائندي جي ميمبر شپ کي اهڙي انداز ۾ معطل حالت ۾ رکڻ جمهوري عمل ۽ ايوان جي استحڪام لاءِ سٺي ڳالهه ناهي.