اپوزيشن پاران ججن جي امڪاني بدلي عدليه جي آزادي تي وار قرار

اپوزيشن پاران ججن جي امڪاني بدلي عدليه جي آزادي تي وار قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻو اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر ۽ اپوزيشن اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ اپوزيشن اڳواڻن حڪومت جي معاشي محاذ تي ناڪامي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ بابت حڪمت عملي تي غور ڪيو. ملاقات ۾ اُڀرندڙ عدالتي بحران ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ججن جي منتقلي واري تڪرار تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اسد قيصر چيو ته مهانگائي ۽ وڌندڙ ٽيڪسن عوام کان عزت سان زندگي گذارڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي. پگهاردار طبقو، هاري، مزدور ۽ واپاري سڀ حڪومت جي غلط پاليسين سبب متاثر آهن. جيڪڏهن ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي رليف نه مليو ته عوامي مسئلن تي ڀرپور تحريڪ هلائينداسين. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي آئيني ذميوارين ۽ انساني حقن کان لاتعلقي تي خدشا آهن، پر ججن جي منتقلي بابت سندس موقف جي حمايت ڪريون ٿا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي سزا طور منتقلي عدليه جي آزادي تي وڏو وار آهي. جوڊيشل ڪميشن اجلاس کان اڳ وڪيلن سان صلاح مشوري بعد گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو.