| اپوزيشن کي وري ڳالهين جي آڇ، جائز مطالبن تي ئي معاملا اڳتي وڌي سگهن ٿا، بليڪ ميلنگ نه هلندي: وزيراعظم |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي، وزيراعظم چيو آهي ته پي ٽي آءِ سنجيده ڳالهين لاءِ تيار آهي ته حڪومت به ڳالهين لاءِ تيار آهي، باقي غيرقانوني مطالبن ۽ بليڪ ميلنگ سان ڳالهيون نه ٿي سگهنديون، جيڪي جائز معاملا آهن، صرف ان جي روشنيءَ ۾ ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن ٿيون، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اڄ ڪلهه پي ٽي آءِ ۽ ان جا ساٿي ڊائلاگ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن هو سنجيده آهن ته حڪومت به ڳالهين لاءِ تيار آهي،اسيمبلي فلور تي به پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏني، پي ٽي آءِ کي ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏيان ٿو پر جائز مطالبن تي ئي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ڳالهين جي آڙ ۾بليڪ ميلنگ نه هلندي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورين سياسي جماعتن ۾هم آهنگي ضروري آهي.جيڪي جائز معاملا آهن رڳو تنهن جي روشني ۾ ڳالهين کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۾ ڀائيچارو ضروري آهي. سڀني سياسي جماعتن سان پرامن ڳالهين بابت پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي. ذاتي طور سڀني سياسي جماعتن کي ڪيترائي ڀيرا ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي آهي. سياسي ڳالهين جي آڙ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان آهي ته اسان آهيون، ان طرف ڪنهن به بري نيت سان ڏٺو يا سازش ڪئي ته کين نه ڇڏينداسين