اڄ تائين مهلت: رياست سان ٽڪراءَ نٿا چاهيون، هاڻي حڪومت مرده باد جا نعرا لڳندا: فضل الرحمان

ڊسمبر 8, 2024

نوشهره  (م ڊ) جي يو آءِ سربراهه حڪومت کي مدرسا رجسٽريشن بِل جي منظوري جي ڊيڊ لائن جو اڄ آخري ڏينهن آهي.  مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت سِڌي نه ٿي ته اڄ اسرائيل سان گڏ حڪومت مرده باد جا به نعرا لڳندا،  نوشهره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مدرسا رجسٽريشن بِل تي اتفاق ٿيو هو پر بعد ۾ منظوري جو عمل روڪيو ويو، لاهور ۾ گڏجاڻي دوران صدر آصف زرداري جي موجودگيءَ ۾ بِل تي اتفاق ٿيو هو، هاڻي بِل تي ڪوبه اعتراض غور هيٺ نه ايندو، رياست سان ٽڪراءُ نٿا چاهيون، پاڻ ٻڌايو غير رجسٽرڊ مدرسا صحيح آهن يا رجسٽرڊ؟ حڪومت مدرسن کي انتهاپسندي ڏانهن ڌِڪي رهي آهي، اسان جنگ جو اعلان نه ڪيو آهي، توهان پاڻ جنگ شروع ڪئي آهي. مولانا وڌيڪ  چيو ته حڪومت  مدرسن کي دٻاءَ ۾ رکي ڇڏيو آهي، اهو دٻاءُ  مدرسن کي شدت پسندي ۽ انتهاپسندي ڏانهن وٺي ويندو،  اسان رياست سان ٽڪراءُ نه مدرسن جي رجسٽريشن چاهيون ٿا، مدرسن کي حڪومت جي اثر رسوخ کان پري رکيو وڃي،  اسان مدرسن کي مرڪزي ڌاري ۾ آڻي شاگردن کي روزگار ڏيڻ چاهيون ٿا.

Leave A Comment